10 پیر , دسمبر 2018

ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون

رکيل مورائي

نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان جي ڪري جڳ ۾ مشهور ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ جي سُر ڪاموڏ ۾ محفوظ ٿيل ”ڪينجهر “ وشال ڇَر جي صورت ۾ اسان جي آڏو هئي، اسان کي جنهن هٽ ۾ رهڻو هئو، ان جو نمبر ويهه هئو. هيءَ هٽ ڪينجهر ڪناري گذريل صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾پاڪستان ٽورازم ڊپارٽمينٽ پاران تيار ڪرايا ويا هئا، جيڪي دنيا جي سياحتي ماڳن تي ايندڙ سياحن جي رهائش جهڙي طرز تي ٺهيل آهن،جيتوڻيڪ  مختلف وقتن تي هنن جي ڀڃ گهڙ ٿيندي رهي آهي ۽ اڄ ڪلهه به اهڙي قسم جو ڪم هلندڙ آهي.

هاڻ آئين جي ارڙهين ترميم سبب هيءُ سياحتي ماڳ سنڌ حڪومت جي ثقافت، سياحت ۽  قديم آثارن واري کاتي ۾ آهن ۽ هيءُ ٽئي کاتا نوجوان شاعر سيد سردار علي شاهه جي وزارت ۾ ڏنا ويا آهن. هنن ٽنهي کاتن جو سيڪريٽري اڄڪلهه اسان جو ۽ سنڌي ٻوليءَ  جو ذهين نقاد اڪبر لغاري آهي ۽ سياحت کاتي جو ايم ڊي منهنجو پيارو دوست روشن ڪناسرو آهي. پڪ سان سندن ايام ڪاريءَ ۾ ڪينجهر تي جنهن تيزيءَ سان کيس سنوارڻ ۽ سياحن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم هلي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هڪ ڏيڍ سال ۾ هيءُ ماڳ دنيا جي انهن ماڳن مان هڪ بڻجي ويندو، جيڪي ماڳ سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن.

ڇاڪاڻ ته ڪينجهر ڪراچيءَ جي ويجهو آهي، ان ڪري هن ماڳ کي خوبصورت ڪري نه رڳو ملڪي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو پر پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهجي ٿو. ان لاءِ سياحت کي مجموعي طور ترقي وٺرائڻ سان گڏ حڪومت لاءِ سنڌ ۾ انتظامي طور بهتري آڻڻ به ضروري آهي. جن مان پهريون امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ آهي ۽ ان کانپوءِ دنيا کان ايندڙ سياحن لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش ۽ ٻين سهولتن جو هجڻ بنهه ضروري آهي. جيڪي ٻاهرين سياحن لاءِ ڇڪ جو سبب بڻجن.

اسان لاءِ ڪينجهر ڄڻ ته مقدس ماڳ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي سونهن کي جيڪو اعزاز شاهه سائينءَ بخشيو آهي، ان جهڙو هن ملڪ ۾ ٻيو مثال نٿو ملي سگهي ۽ سچ پچ ته ڪينجهر ۾ سج لهڻ جو منظر ته اهڙو حسين آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته جنهن ڪينجهر ۾ سج کي لهندي نه ڏٺو آهي، ان سنڌ جي سونهن نه ڏٺي آهي ۽ پڪ سان جن ڪينجهر جي سُونهن ڏٺي آهي، انهن کي شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو:

هيٺ جرُ، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪنور ترن،

ورئي واهوندن، ڪينجهر هندورو ٿئي.

پنهنجي لاءِ بُڪ ٿيل 20 نمبر هٽ ۾ اچي پهريون ڪم اسان لاءِ ماني کائڻ هئو، ڇو ته بک بيحد گهڻي لڳي هئي ۽ اها پڪ هئي ته ڪينجهر جي سونهن بکئي پيٽ نه ماڻي سگهبي، جنهن حوالي ۾ شيخ اياز سچ لکيو آهي ته:

سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا

ڍَوَ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي.

اڌ ڪلاڪن کن ۾ ماني اچي وئي هئي پر ٻارڙا هٽ ۾ ويهڻ جائي نه پيا ٿين، سوهو سڌا ڪينجهر ڪناري هليا ويا ۽ پنهنجين موبائلن جي ڪئميرائن جو خوب استعمال ڪرڻ لڳا. هنن لاءِ هيءَ نئين ڪائنات هئي، اسلامي ڪتابن کي اهڙن هنڌن کي بهشت نما ڪوٺيو ويو آهي ۽ ويدن ۾ ديوتائون اهڙن ماڳن کي ”سُرڳ“ سان مشابهت  ڏيندا رهيا آهن.

ظاهري طور ڏٺو وڃي ته ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ واري رستي سان ٺٽي کان ٻاويهه ڪلو ميٽر اتر ۾ پهاڙي رستن جي اولاهين ڪنڊ ۾ هي بهشت جو ٽڪرو ئي آهي، جتان جي آب هوا وڻندڙ، آس پاس جو ماحول صحتمند ۽ رهڻ جهڙو آهي، جنهن جي ٻئي پار جهمپير جهڙو قديم ۽ پرامن ننڍڙو شهر آهي.جڏهن ريل گاڏي اونداهيءَ ۾ جهمپير وٽان  گذرندي آهي ته هن ننڍڙي شهر جو ماحول طلسماتي ٿي ويندو آهي ، جنهن طلمساتي ماحول ۾ سنڌي ادب جو هڪ ننڍڙوديوتا رسول بخش درس رهندو آهي.

جيتوڻيڪ ماحولياتي آلودگيءَ هن ڍنڍ کي گهڻو متاثر ڪيو آهي، جو چيو ويندو آهي ته آس پاس جي هلندڙ فيڪٽرين جي وهندڙ زهريلي پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪينجهر ۾ ڪيو ٿو وڃي، جنهن سبب ڪينجهر جو مٺو ۽ صاف پاڻي هاڻ پيئڻ جهڙو نه رهيو آهي.

ڪيئن به هجي، اڄ جي سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته چنڊ هڪ اونداهو پٿر جو ٽڪر آهي، پوءِ به اهو اڄ تائين عالمي ادب ۾ سونهن جي علامت آهي. تيئن ڀلي ڪينجهر جو پاڻي صاف نه رهيو آهي پوءِ به اها اسان جي لاءِ رومانس جي علامت آهي ۽ رهندي، ڇاڪاڻ ته علامت طور- اها  اسان جي سنڌيءَ جي عظيم شعر ۾ سدائين لاءِ محفوظ ٿيل آهي، جنهن ڪري اها سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو اهڙو حصو آهي، جنهن کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

بهرحال ٽور ازم ڊپارٽمينٽ هن ماڳ کي سهڻي کان سهڻو بڻائڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪوششون ڪري رهيو آهي، هٽن جي پُٺ واري سموري پهاڙي حصي کي سڌو ڪري شاندار پارڪ جوڙيو پيو وڃي، جنهن جي سري کان ڪي رهڻ لاءِ هڪ هڪ ڪمري جا ننڍا ننڍا رهائشگاهه جوڙيا پيا وڃن ۽ وڌيڪ ڪيترائي ڪم تيزي سان هلندڙ آهن، جنهن ڪري شايد هن ماڳ کي پرسڪون ماحول بڻجڻ ۾ سال ڏيڍ لڳي وڃي، پڪ سان تڏهن ڪينجهر جو رنگ روپ وڌيڪ موهڻو هوندو.

اسين ماني کائي سڀ کان پهريان نوريءَ جي درشن لاءِ وڃڻا هئاسين، جنهن جو فقط نالو ٻارڙن ٻڌو هو، ڪناري کان نوريءَ  جي مزار واري اهڙي سفر لاءِ اڳ سنڌ جاروايتي ڪاٺ جاهوڙا ۽ ٻيڙا هلندا هئا، پر نوريءَ جي قبر جيئن ته چڱو پنڌ پري، ڪينجهر جي وچ ۾ آهي، ان ڪري انهن ٻيڙين کي چڱو وقت اچڻ وڃڻ ۾ لڳي ويندو هو، ڪجهه وقت انهن ڪاٺ جي ٻيڙين ۾ جديد موٽر پڻ لڳايا ويا، پر جيئن ته ڪاٺ جون ٻيڙيون ڪافي وزندار هيون، ان ڪري اڳتي هلي پلاسٽ آف پيرس جا هوڙا گهرايا ويا، جن موٽرن وسيلي سفر جو وقت گهڻو گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان گهٽايل وقت ۾ مون کان سواءِ سڀ هوڙهي ۾نوريءَ جي قبر ڏسڻ لاءِ هليا ويا.

واپس اچي هنن ٻڌايو ته پاڻي ايترو مٿي چڙهي آيل هو، جو جڏهن هوڙهو نوريءَ جي قبر واري ڪٽهڙي سان لڳو ته قبر ته ڏسجي رهي هئي پر لهرون ايتريون تيز هيون جو هوڙو بيهي نه پئي سگهيو، ان ڪري خوف ۾ هنن اتان ئي موٽڻ جي ڪئي.پوءِ به هو نوريءَ جي قبر ڏسي سگهيا.

جيتوڻيڪ نومبر مهينو سياري جي اچڻ جي مند وارو آهي، سر نسري چڪا هئا، هن مند ۾ ندين ۾ پاڻي گهڻو نه هوندو آهي، ندين ۾ پاڻي ان وقت گهڻو هوندو آهي، جڏهن هماليا کان مٿي جبلن تي برف ڳرڻ لڳندي آهي ۽ سنڌو تارئون تار وهندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر هن مند ۾ڪينجهر جو پاڻي جون جولاءِ جي ڀيٽ ۾ رافع چواڻي ڇهه ڏاڪا مٿي آيل هو، ڇاڪاڻ ته رافع جون جولاءِ ۾ ڪينجهر آيو هو ۽ نوريءَ جي قبر تي به ويو هو، ان وقت هو هوڙي کان ڇهه ڏاڪا مٿي چڙهي نوريءَ جي قبر تي ويا هئا ۽ هاڻ اهي ڇهه ئي ڏاڪا پاڻيءَ هيٺ آيل هئا.

هُو نوري جي قبر تان واپس آيا ۽ پوءِ ڪينجهر ڪناري کي ڏسڻ ۽ آسي پاسي گهمڻ لڳا. جو رات جو هنن کي واپس ڪراچيءَ اچڻو هو، مون کي ۽ ڪلثوم کي ٻه راتيون ڪينجهر جي خاموش ماحول ۾ گذارڻو هو، جو اسين شهر جي شور کان تنگ ٿي، ڄڻ شهر کان ڀڄي آيا هئاسين،  ٻارڙا بي حد خوش هئا، خاص طور منهنجي وڏي ڌيءُ شينا، ان جو گهوٽ، منهنجو ڀائٽيو بشير احمد ۽ سندن ٻه ننڍڙا پٽ سمير احمد ۽ عذير احمد ته وٺُ ئي نه ڏئي رهيا هئا.

منهنجي سڪيلڌي سالي زاهدا سولنگي ۽ سندس ٻه ڪاڪيون دعا سولنگي ۽ خواهش سولنگي به مستي ۾ هيون، شايد هي ٻارڙا ڀاڳ وارا چئبا جو ننڍڙي عمر ۾ ئي هنن ڪينجهر ڏسي ورتي هئي، اسان ته سالن جا سال ڪينجهر ڏسڻ لاءِ سڪندا رهيا هئا سون، اسان ان ته فقط شاهه سائينءَ جي اک سان ڪينجهر کي ڏٺو هو ۽ ان جي سونهن ڏٺي هئي. مس وڃي مالڪ مهر ڪئي هئي ۽ دوستن سهولت ڏني هئي.

ائين ضرور آهي ته جن شاهه سائين جو سر ڪاموڏ ڌيان پڙهيو آهي، انهن کي ڪينجهر جو حُسن ضرور متاثر ڪندو ۽ جن ڪينجهر جو حسن ڏٺو آهي، انهن کي شاهه سائين وري پڙهڻ گهرجي، کين ٻئي ڳالهيون ڪينجهر جو حُسن ۽ سر ڪاموڏ جو حُسن سمجهه ۾ اچي ويندو، نه رڳو اهو پر سُر ڪاموڏ ۾ جيڪو شاهه سائينءَ جو ڪمال جو مشاهدو آهي، ان تي حيرت وٺي ويندي.

سچي ڳالهه ته اها آهي، جن سياري جي ايندڙ مُند ۾ اتر واءُ لڳڻ سان ڪينجهر کي هندورو ٿيندي نه ڏٺو آهي، انهن سنڌ جي سونهن جو هڪ حصو نه ڏٺو آهي، اهي شخص ڪيترو به پڙهيل ڪڙهيل هجن ، سر ڪاموڏ جي سونهن ۽ ڪينجهر جي باريڪي سمجهي نه سگهندا.

پڪ سان ڪينجهر هڪ احساس آهي، ڪينجهر شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ساهه کڻندي آهي. اڄ سندس ڪناري تي سندس انهن ساهن کي اسان محسوس ڪري رهياهئاسين.

نظر جي پهچ تائين ڪينجهر جو نيرو پاڻي هو، جنهن ۾ سنجها جي لهندڙ سورج ديوتا سونهري ڪرڻا ڇٽي ڄڻ ان کي سونو بڻائي ڇڏيو هو ۽ پس منظر ۾ ان سون جو اهاءُ، آڪاش کي به سونهري ڪري ويو هو. هي اهڙا لمحا هئا، جيڪي دنيا جي اکين کي حيران ڪرڻ جهڙا آهن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪينجهر دنيا جي اهڙي ديس ۾ آهي، جنهن ڏي ڪو به ترقي يافتا ملڪ اک کڻي ڏسڻ لاءِ تيار نه آهي. هي اهو ديس آهي، جنهن انسان ذات کي تهذيب سيکاري، جنهن هن پرٿويءَ تي موهن جي دڙي جهڙو شهر اڏيو. جنهن جي اڏاوت، اڄ جي دنيا به پريشان ڪري ڇڏي آهي.

ڪينجهر ان ديس جي هڪ اونداهي ڪُنڊ ۾آهي، جنهن جي سڃاڻپ فقط شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ بند آهي، سنڌين، ڪينجهر ۽ نوريءَ جو ذڪر شاهه سائينءَ معرفت ئي ٻڌو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪينجهر کي سچ پچ اهڙو خوبصورت ماڳ بڻايو وڃي، جهڙو سندس خوبصورت ذڪر شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ڪيو آهي.

هي اهو سمو آهي، جنهن سمي سج آهستي آهستي ڪينجهر ۾ لهي رهيو آهي، ڇا ته منظر آهي؟؟ سانجهيءَ ويلي آسمان سان گڏ ڪينجهر جو پاڻي به سونهري بڻجي ويو آهي، ڪينجهر ۽ آسمان پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا، سورج ديوتا ڄڻ ڪينجهر ۾ پيهي ان سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ان ۾ گم ٿي ويو آهي. هو ٻئي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن.

ڪينجهر جي ڇر سوني ٿي وئي آهي، آسمان اونداهو ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ چنڊ جون پويون تاريخون آهن، هاڻ رات اونداهي ٿي رهي آهي ۽ ٻارڙا واپس ڪراچي جي تياري ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان ٻن کي ٻه راتيون هت گذارڻيون آهن، ٻيا سڀ سياحت کاتي جي ڏنل گاڏيءَ ۾آرام سان موٽي اچي ويٺا آهن ۽ گاڏي ڪراچي جو رستو وٺي رواني ٿي آهي، جنهن جي آڏو اونداهي رات ۾ روشني جي هڪ ڊگهي ليڪ ظاهر ٿي پئي آهي، ڪينجهر جي ڇر مٿان راوڻ جهڙي رات ڇانيل آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے