19 بدھ , دسمبر 2018

مون به وتائي فقير وارو اڳ ورتو هئو!

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

اوساڪا يونيورسٽي جي ٽويوناڪا ڪيمپس ۾ سنڌي ٻولي سيکارڻ جا ڪلاس هلي رهيا هئا. ان لاءِ ست جاپاني شاگردن داخلا ورتي هئي. گهڻو ڪري سڀ جو سڀ ڪٿي نه ڪٿي پروفيسر هئا يا ڪنهن ميوزيم يا آرڪيالاجيڪل اداري سان وابسته هئا. صرف هڪ شاگرد، ستويوُتا اڃا  تائين ڪٿي پڙهي رهيو هئو ۽ هي ڪورس ان ڪري جوائن ڪري سگهيو هئو جو انهن ڏينهن ۾ اُتي جاپان جي تمام تعليمي ادارن ۾ وئيڪيشن جي موڪل مليل هئي.

انهن ليڪچرس هلندي مون جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو، ان موجب جاپان ۽ برصغير جي ڪلچر ۾ هڪ وڏو فرق آهي، هتي اُستاد ڄڻ پاڻ کي شاگردن کان ڪجهه ڪجهه برتر ۽ڪڏهن ته پاڻ کي مافوق الفطرت انسان سمجهندو آهي ۽ شاگرد کي استاد جي هر جائز حڪم جي بجا آوري ڪرڻي پوندي آهي. پر ان جي برعڪس جاپان ۾ ڪلاس روم جو ماحول ڪجهه وڌيڪ ئي دوستانه هئو. دوستانه به ايترو جو جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ليڪچر ٻڌندي ٻڌندي ڪجهه خمار پئي محسوس ٿيو، ته ان وچ وچ ۾ ڪجهه گهڙيون خاموشيءَ سان ٽيبل تي ڪنڌ رکي ٿوري دير لاءِ جهٽڪو به هڻي پئي ورتو!

تقريبن سڀ شاگرد پنهنجي پنهنجي ٽيبل تي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ سنيڪس وغيره آڻي رکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ليڪچر هلندي به آهسته سان چپ چاپ کائيندا هئا؛ پر پروفيسر ماميا ڪينساڪوُ جي وهنوار مان ائين لڳندو هئو ته اها ڄڻ ڪا غير رواجي ڳالهه ڪانه هئي ۽ شايد ان طرح اُتي هر ڪلاس ۾ ٿيندو رهندو هجي!ڇو ته اهڙي ڳالهه ٿيندي به هوُ پنهنجو ليڪچر جاري ئي رکندو هئو ۽ ڪنهن ڏانهن ڌيان به ڪو نه ڏيندو هئو. ان لحاظ کان اُتي شاگردن کي ڪجهه وڌيڪ آزادي مليل هئي. پر ان سڀ جي باجود اُهي سڀ جو سڀ شاگرد پاڻ سان بيحد جوابدار به هئا؛ جو وري اُتي جو اُتي پڻ اُٿي ويهندا هئا ۽ ٻيهر ڳالهه سمجهڻ لاءِ ‘Counter Questions’ به ڪندا هئا.

اربع 1-سيپٽمبر ڏينهن ماميا صاحب تمام شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي بناوت ۾ ’جملي جون پڇاڙيون‘ (Suffix) سمجهائي رهيو هئو ۽ فطرتن اهڙي ٽيڪنيڪل ٽرمينالاجي سمجهائڻ لاءِ کيس ڪڏهن ڪڏهن منهنجي به ضرورت پئي محسوس ٿي.

هيءُ جاپاني ماڻهو به ڪنهن ڳالهه کي جلدي قبولڻ وارا ناهن، هڪ 21 سالن جو ڇوڪرو ستويوُتا، جيڪو عربي ۽ هنديءَ جو اڳواٽ ئي ڄاڻو هئو؛ ان هر ڳالهه جو بنياد پئي سمجهڻ چاهيو ته اُها مقرر ڪيل جملي جي پڇاڙي (Suffix)   ڪهڙيءَ ريت ٺهي. پوءِ جڏهن اهي سڀ شاگرد هر طرح سان مطمئن پئي ٿيا، تڏهن پئي اڳيان وڌيا. پر انهن جي پڇڻ جو طريقو انتهائي مهذب هئو؛ جنهن لاءِ هنن ڪا خاص ڪوشش به ڪونه پئي ورتي ۽ هڪ ٻئي کي عزت ڏيڻ انهن جو روزانه زندگيءَ جوهڪ ضروري جُز هئو.

ٻين اهم ڳالهه ته ويهين صديءَ جي پوئين چوٿائيءَ دوران جيستائين آءٌ سونهاري سنڌ ۾ رهندو هوس ته اُتي عام طور فائونٽين پين جو گهڻو استعمال ٿيندو هئو. 1977ع ۾ هندوستان آيس ته فائونٽين پين تقريبن نظر ئي ڪونه پئي آئي ۽ صرف بال پين هلندڙ هئي. پر جاپان ۾ وري 2010ع دوران به تمام شاگردن نه فائونٽين پين، نه ته بال پين پر ڪلاس روم واري ماحول ۾ پينسل ۽ رٻڙ جو استعمال پئي ڪيو. گهڻو ڪري سڀ جو سڀ پينسل سان لکن ۽ ضرورت مهل يڪدم رٻڙ سان ڊاهي ئي ٻيهر صحيح ڳالهه لکي سگهن. جيتوڻيڪ پينسل سان گڏ اُتي هر هڪ شاگرد کي ڪاري جيل پين ۽ نيري ڳاڙهي الڳ الڳ بال پين به هوندي آهي پر اُن جو استعمال اُهي صرف ضرورت مهل ئي ڪندا آهن. خاص ڳالهه ته اتي تقريبن سڀ ماڻهو هڪ ننڍڙو پائوچ ضرور کڻن جيڪو هنن جي پاڪيٽ يا هينڊ بيگ ۾ پيو هوندو آهي؛ ان ۾ هنن وٽ اُهي سڀ مختلف پينيون رکيل هونديون آهن. جڏهن ته هتي برصغير ۾ عام طور ماڻهن وٽ صرف هڪ نيري پين ئي پاڪيٽ ۾ هوندي آهي ۽ گهڻا ته پڙهيل شخص به ڪا پين يا پينسل کڻندا ئي ناهن ۽ ضرورت مهل  ڀر واري شخص کان ڪجهه وقت لاءِ اوڌر تي پنهنجو ڪم هلائي ڇڏيندا آهن!

عام جاپانين جي ذهين هئڻ جي ساراه ان لاءِ به ڪرڻ ضروري آهي ته اڃا ان ڏينهن سنڌي ٻولي سيکارڻ جو اٺون ڏينهن ئي مس هئو، جو انهن عربي، فارسي توڙي ديوناگري الف- بي ته پهرئين اڏ ڏينهن ۾ ئي سکي ورتي هئي ۽ هينئر اُهي ايتري قابليت رکندڙ هئا جو سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص گرامر واري مواد تي پڙهندي ۽ سکندي بحث ڪرڻ پڻ سگهه رکندڙ هئا.

ان ڏينهن ڪلاس هلندي ڪجهه وڌيڪ ئي لطف آيو. ماميا صاحب اُهو ڪجهه پڙهايو هئو، جو منهنجي ‘Involvement’ به وڌيڪ رهي هئي. مون ڪنهن ڳالهه تي ٻين شاگردن جون نالو کنيو، پر اُن ڇوڪريءَ جو نالو نه ورتو جنهن ڪيوٽو لاءِ دعوت ڏني هئي؛ ته ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ان پاڻ اچي چيو:

”سائين! منهنجو نالو ننوميا آهي، پر مون کي پيار مان صرف ’آياڪو‘ ڪري چوندا آهن. اوهين به پوئين نالي سان مخاطب ڪري سگهو ٿا!“

آءٌ 2 سيپٽمبر 2010ع تي سوير صبح جو تيار ٿي وقت کان گهڻو ئي اڳ 9:15 بجي ڪلاس ۾ پهچي به ويس؛ پر نه ماميا اڃا تائين آيو هئو ۽ نه ڪلاس روم ئي کليل هئو. ان لاءِ آءٌ هيٺ”سي“ ٽائيپ بلڊنگ جي احاطي ۾ اوپن ايئر ريسٽارنٽ نما لڳايل ڪرسين تي اچي ويهي رهيس. 9:40 بجه ٿيا. جو پهرين ميڊم ٽوسڪو آئي، جنهن هڪ هاءِ اسڪول مان هسٽريءَ جي ٽيچر طور رٽائر ڪيو هئو.

اسين جو مٿي فرسٽ فلور تي اچي ڏسون ته ماميا به اچي چڪو هئو ۽ ڪلاس روم به کليل هئو. هوُ ويٺو ليپ ٽاپ تي پنهنجو ڪم ڪري رهيو هئو. اسين رسمي ‘Ohayo Gozimas’ ڪئي! پوءِ مون حجت ۾ ماميا کي چيو ته:

”مون وتايي فقير وارو اڳ ورتو هئو؛ پر اوهين ڪهڙي دروازي کان اندر آيا!“

پوءِ ته جلد ئي سڀ اسٽوڊنٽس به  اچي ويا ته اسان جو ليڪچر شروع ئي ٿي ويو. اڄ به ماميا صاحب کي موضوع جي لحاظ کان منهنجي ضرورت پئي محسوس ٿي، جنهن سان فطرتن مون کي به تسڪين ملي رهي هئي.

12:10 بجه ٿيا هئا، جو لنچ ٽائيم مهل ماميا ٻڌايو ته کيس ضروري ڪم سان ڪيڏانهن وڃڻو هئو ۽ باقي ليڪچر مون کي وٺڻو هئو! مون شاه جون ست سورميون تيار ڪيون هيون ۽ ادا پريم چند جي ڪتاب ‘The Indus Empire’ کي به ڏسي ڇڏيو هئو. آءٌ سومرين سمجهائڻ لاءِ منوهر مٽلاڻيءَ جو ڪتاب ’شاه جا سرموڙ‘ پڻ کڻي ويو هوس.

مون ان ڏينهن پهريون دفعو بنا ڪنهن جاپاني ٽرانسليٽر جي پڙهائڻ شروع ڪيو. پر ڪنهن ڪنهن مهل ضرورت پئي ٿي ته مون رٽائرڊ پروفيسر توميو ميزوڪاميءَ کان مدد پئي ورتي. اڄ ميڊم ٽوسڪو پاڻ سان گڏ ’هسٽريءَ‘ جي ٽيڪسٽ بوڪ جا ٻه صفحا ڪلر فوٽوڪاپي ڪرائي کڻي آئي هئي؛ جن ۾ ’موهن جو دڙو‘ جا فوٽو هئا ۽ سمورو بيان جاپاني ٻوليءَ ۾ لکيل هئو. مون کي ته اهو ڪجهه ڏسي ڪري هڪ روحاني تڪسين پئي ملي پئي ته هيڏا ترقي يافته ملڪ به انسان ذات جي قديم تهذيب تي فخر ڪندي ’سنڌو سڀيتا‘ کي پنهنجي نصاب اندر تمام جاپانين کي پڙهائي رهيا آهن! ٽوسڪو مون کان ’موهن جو دڙو‘ ۽ ’مُئن جو دڙو‘ مان صحيح لفظ پئي سمجهڻ چاهيو.

مون کيس پنهنجي ڄاڻ انوسار اهو ئي ٻڌايومانس ته 1922ع ۾ سرجان مارشل واري کوٽائيءَ کان ان کي ’موهن جو دڙو‘ ڪري سڏيو ويو هئو. پر ورهاڱي کانپوءِ ڪجهه غير-هندو صاحبان زوريءَ اهو هندو نالو ’موهن‘ هٽائيندي ’مُئن جو دڙو‘ (Mount of Dead) ڪري ڇڏيو؛ جيڪو تحقيقي لحاظ کان به صحيح ناهي. جيڪڏهن اها وضاحت صحيح هجي ته صرف ’موهن جو دڙو‘ ئي ڇو؛ پوءِ ته سڀئي دڙا ’مئن جو دڙو‘ سڏبا! ان لاءِ ايڏي اره زورائي به  ٻيلي واجب ناهي! اهو ڪجهه ٻڌائيندي مون ادا پريم جي ڪتاب `The Indus Empire’ جو حوالو ڏنو. ان تي سڀ شاگرد متاثرٿيا ۽ ننوميا آياڪو، جنهن ’هسٽري‘ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيئي هئي. اها تڪڙو تڪڙو ان پوري ڪتاب کي ڏسندي ويئي!

ائين ’هسٽري!‘ جي موضوع تي ڳالهيون ڪندي وري ٻيهر اسين پنهنجي سنڌي لوڪ ادب جي سورمي’مومل‘ ڏانهن موٽي آياسين. ان سلسلي ۾ مون کيس شاه سائينءَ جي بيتن جي ظاهري توڙي باطني معنيٰ سمجهائي ته تمام شاگردن خوش لڳيا پيا هئا. ليڪچر پورو ٿيو ته ڪڇي ٻولي ڄاڻندڙ ميوا ڪانتيانيءَ مون وٽ اچي مومل جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ شڪريو ادا ڪيو.

3 سيپٽمبر 2010ع تي ماميا صاحب سان گڏ ٻه ٻيون به جاپاني ڇوڪريون آيون هيون، جيڪي هن وٽ ’اردو‘ ٻولي پڙهندڙ هيون. اڃا ڪلاس شروع ڪونه ٿيو هئو. ماميا جي شاگردياڻين هن لاءِ ايران جي ٺاهيل سون وڙي جو باڪس آندو  هئو. ماميا ته وري اتي جو اتي ئي اهو باڪس کوليندي سڀ کي اهو سون وڙو کارايو. بيحد سوادي هئو. پوءِ ته ماميا صاحب بچيل باڪس به کليل ئي ڀر واري ٽيبل تي رکي ڇڏيو ته پوءِ به جنهن کي کپي ته کڻي کائي!

ڪلاس شروع ٿيو ته مون مياميا صاحب جي خواهش تي ‘Text’ پڙهندي تمام شاگردن کي ان جي مشق ڪرائي. ماميا وري ان ٽيڪسٽ جي جاپاني ٻوليءَ ۾ سمجهاڻي ڏيندي هڪ سي.ڊي. پڻ پنهنجي ڪمپيوٽر تي هلائي ڏيکاري؛ جنهن ۾ هن سونهاري سنڌ جي نگرپارڪر جا ڪجهه فوٽوگراف آندا هئا. اُها سي.ڊي. پوري ٿي ته آياڪو مون واري هندوستان مان آندل سي.ڊي. اچي مونکي هٿ ۾ ڏيندي اها هلائڻ لاءِ چيو. پوءِ اها به ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ مون ‘Power Point’ تي سنڌ جو نقشو، سنڌ جي پسگردائي، موهن جو دڙو ۽ ان بعد ڪجهه سبزيون ۽ فروٽ ڏيکاريندي انهن جا سنڌي نالا ٻڌايا هئا.

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ٽويوناڪا ڪيمپس اندر ’يونيورسٽي گيسٽ هائوس‘ ۾ پنهنجي روم B-431 جي اولهه طرف واري بالڪنيءَ ۾ اچي بيهندو هوس؛ ته اُن پاسي يونيورسٽيءَ جو هڪ وڏو شاهي پلي گرائونڊ هوندو هئو؛ جتي هميشه ڪيتريون ئي رانديون ٿينديون رهنديون هيون.

اُتي گهڻو ڪري هڪ راند جيڪا مونکي وڌيڪ نظر ايندي هئي؛ اها ڪجهه ڪجهه ’ڪرڪيٽ‘ ۽ سنڌين جي ’ڏيٽي ڏڪر‘ سان ملندڙ جلندڙ هئي هنن وٽ بيٽس مين جي هٿ ۾ بيٽ جي سائيز جو هڪ ٿلهو ڏنڊو هوندو آهي ۽ سامهون کان بالنگ ڪندڙ شخص ڪنهن مخصوص گهيري اندر رهندي ڪرڪيٽ کان به وڏي اڇي بال سان بالنگ ڪندو آهي. بيٽس مين جي پٺيان بيسڪيٽ بال جيان هڪ ڇڪو هوندو آهي. جيڪڏهن بيٽس مين جو نشان چُڪي وڃي ۽ بال ان ڇڪي اندر هليو ويو ته بيٽس مين آئوٽ؛ نه ته ٻين صورت ۾ بيٽس مين پنهنجي ڏنڊي سان ان بال کي اهڙو ته ذوم سان ڪٽيندو آهي جو بال هوا ۾ هوندو آهي. پوءِ وري سامهون واري فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم جا رانديگر اها ڪيچ وٺڻ چاهيندا آهن. جيڪڏهن ڪيچ نه ٿي ۽ بال مقرر گهيري کان ٻاهر نڪري ويو ته بيٽس مين کي پوائنٽس ملندي رهنديون آهن!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے