19 بدھ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ ون ويلنگ ۽ ريسنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 34 ڄڻا گرفتار

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس شهر ۾ ريسنگ ۽ ون ويلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 34 ماڻهن کي گرفتار ڪري سندس گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون.  ريسنگ تڪرار دوران ڪراچي ۾ سي ويو واري هنڌ نوجوان جي قتل کانپوءِ  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪم تي پوليس ون ويلنگ ۽ ريس لڳائيندڙ موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ڪارروائي دوران 34 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 14 موٽرسائيڪلون ۽ 6 گاڏيون ضبط ڪري ورتيون. پوليس موجب گرفتار ٿيل ٻن ڪار سوارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس طرفان ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ شيشن تي چڙهيل ڪاريون پٽيون لاٿيون پيون وڃن. تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا جي ڊبل ڪيبن گاڏي کي به ڪارن شيشن سبب روڪيو ويو پر گوڙ ڪرڻ تي کيس ڇڏيو ويو. فيصل واوڊا چيو ته پوليس ڪارن شيشن وارين گاڏين خلاف ڪارروائي بدران بدران شهر مان رتوڇاڻ ختم ڪري،  مان به ون ويلنگ ۽ موٽرسائيڪل ۽ ريس لڳائيندڙ گاڏين خلاف آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے