18 جمعرات , اکتوبر 2018

اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري، شميم صديقي ۽ امبر خان متحده لنڊن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري،  شميم صديقي ۽ امبر خان ايم ڪيو ايم لنڊن جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بابر غوري چيو ته  پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ سندس ذاتي فيصلو آهي، پارٽيءَ جي سمورين ذميوارين تان هٿ کڻي رهيو آهي. هن چيو ته مان في الحال ڪنهن سياسي پارٽي يا گروپ ۾ شامل نه ٿي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جيڪا ايم ڪيو ايم آهي تنهن ۾ سندس ڪڏهن حصو نه رهيو آهيان، ايم ڪيو ايم هڪ ئي آهي جيڪا لنڊن ۾ آهي. بابر غوري چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻي پي ايس پي آهي، ٻنهي پارٽين جو انضمام ڪامياب ٿيو ته سٺي ڳالهه آهي، مهاجر هن وقت محروميءَ جو شڪار آهن. هن چيو ته مان هڪ سال کان غير فعال هيس جيڪا سياست پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي تنهن جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهيان، اهو ئي سبب آهي جو مان پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪا سياست ٿي رهي آهي اها ذاتي مفاد جي سياست ٿي رهي آهي، پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي انا هڪ پاسي رکي گڏ ٿيڻ گهرجي. بابر غوري چيو ته فيصلو عوام تي ڇڏڻ گهرجي عوام جنهن کي پسند ڪندو تنهن کي چونڊن ۾ ووٽ ڏيندو. اڳوڻي وفاقي وزير شميم صديقي چيو ته اڻٽر سببن جي ڪري پارٽي ذميوارين ۽ بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو فيصلو منهنجو ذاتي آهي. هن چيو ته سندس فيصلو مهاجر عوام جي حق ۾ سياسي ۽ غير سياسي مفادن کان مٿڀرو ٿي ڪيو ويو آهي. ثقافت واري اڳوڻي وزير امبر خان به متحده لنڊن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سندس چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ پاڪستان هڪ ئي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے