17 پیر , دسمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: پاسبان پاران ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ريلي

حيدرآباد ۾ پاسبان پاڪستان پاران  انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ڊاڪٽر عافيه صديقي  جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ڪارڪنن نويد اقبال، وارث اعواڻ ۽ شعبا وٽو  جي اڳواڻي م ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.  ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 14 سال گذرڻ باوجود حڪومت عافيه کي آمريڪا جي قيد مان آزاد  ڪرائي نه سگهي آهي.  سندن چوڻ هو ته قوم جي معصوم نياڻي ڪوڙن الزام تحت امريڪي جيل ۾ عذات ڀوڳي رهي آهي. هنن اقوام متحده جي اڳواڻن کان گهر ڪئي ته  ڊاڪٽر عافيه صديقي کي آمريڪا جي قيد مان آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| گهارو: ٻاٻڙا پرائمري اسڪول ۾ تعليم جي بهتري لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو

تعليم کاتي ٺٽي طرفان بيسٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن، هيومن انسلري سوشل آرگنائيزيشن ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے