19 پیر , نومبر 2018

نيوز: نوابشاهه: ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ رشيد راڄڙ جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو

نوابشاهه ۾ صحافين پاران سنڌ جي ٽن املهه انسانن محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ رشيد راڄڙ کي سنڌ جا ذهن ساز قومي هيرو قرار ڏئي ڇڏيو.  نوابشاهه پريس ڪلب پاران محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو ۽ رشيد راڄڙ جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو. تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ذوالفقار خاصخيلي، نبي بخش بلوچ، مشرف علي ڀٽي ۽ ڪامران ابڙو چيو ته اهي ٽئين تاريخساز انسان صرف صحافتي شعبي ۾ نه پر سياسي، سماجي، علمي، ادبي دنيا ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏي ويا آهن. هنن چيوته ابراهيم جويو سنڌ جي نسلن جو سرمايو آهي، هن 1947 ۾ سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ ڪتاب لکي سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جي امڪانن کي اجاگر ڪيو سندن چوڻ هو ته ساڳي ريت رشيد راڄڙ ۽ ڊاڪٽر خيرل جوڻو فقير منش ۽ سنڌ جا خدمت گذار هيا. سندن چوڻ هو ته اهي ٽئي ڪڏهن به حقير ذاتي مفادن خاطر قومي مفادن جو سودو نه ڪيو آهي، پنهنجي جوهر ۾ عظيم تخليقار هئا جن نظرياتي محاذن تي ڏکين حالتن جي باوجود ثابت قدمي سان پنهنجي فرض کي تاريخ جي ذميواري سمجهندي ادا ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ ٽنهي عظيم انسانن جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني به ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪوٽڙي ۾ ٻڪري پاران  ٽماٽا کائڻ تان  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي   دوران ٻڪري مالڪ قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے