18 جمعرات , اکتوبر 2018

لڪمل ڀارتين کي وائڙو ڪري ڇڏيو، پهرين ون ڊي ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽن تان ڪامياب

ڌرم شالا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ڀارت جي ڌرم شالا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٿسارا پريرا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو مڪمل طور درست ثابت ٿيو ۽ روهت شرما جي اڳواڻي ۾ ميدان تي لٿل ميزبان ٽيم 112 رنسن تي ڍير ٿي وئي. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم 16 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي ويٺي ۽ ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ نه پهچي سگهيو. ان موقعي تي ڌوني ذميواري سان بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 65 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪلديپ ياديو 19 رنسون ٺاهيون، جسپريت بمرا به 15 بال کيڏي ڪا رنس نه ٺاهي. ڀارتي ٽيم 38.2 اوورن ۾ 112 رنسن تي گوڏا کوڙي ڇڏيا. سريلنڪا طرفان سرنگا لڪمل بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 20.4 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. مهمان ٽيم طرفان ٿرنگا 49 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڊڪويلا 26 ۽ ميٿيوز 25 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود رهيا. لڪمل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽيسٽ ٽيم ۾ شموليت جو ڪريڊٽ هيڊ ڪوچ ڏانهن وڃي ٿو: فخر زمان

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے