21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ميرپورخاص: ٻن ڌرين ۾ تترن جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان زخمي، اسپتال داخل

ميرپورخاص ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو. ڦلهڏيون تترن جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان امام بخش کي گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. جهيري جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال داخل ڪرايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڌرين ۾ تترن جي مالڪي تان جهيڙو ٿيڻ سبب ٻنهي ڌرين جي هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هڪ ڌر جو نوجوان زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : خيرپور: ممتاز ڪالوني ۾ اوڏ برادري جي گهرن کي اوچتو باهه، 8 گهر سڙي رک

خيرپور ويجهو  ممتاز ڪالوني ۾ اوڏ برادري جي جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے