23 منگل , اکتوبر 2018

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ حڪومت جو رويو سنجيدا ناهي، حڪمران رڳو ڏينهن پورا ڪري رهيا آهن. پارليامينٽ هائوس اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته فاٽا بل کي ايجنڊي مان ڪڍڻ افسوس ناڪ آهي، حڪومت کي بل تي ڪو ٽيڪنيڪي مسئلو آهي ته اسان کي ٻڌائي، حڪومت کي ٽيڪنيڪل اعتراض ختم ڪرڻ جي آڇ به ڪئي سين پر اڄ بل کي ايجنڊي مان ڪڍيو ويو. سندس چوڻ هو ته اسان فاٽا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪري معاملا طئي ڪياسين، اتان جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، فاٽا ميمبرن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن سڀاڻي به بل ايجنڊي تي نه آيو ته لائحا عمل طئي ڪنداسين. خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر حڪومت کي بل تي حمايت جي خاطري ڪرائي هئي، ٽن ورهين ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو ته قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تبديل ڪئي وئي، قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پاڻ دٻاءَ ۾ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Federal Government will not fulfill its term: Sharjeel

موجودا وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لڳي رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے