20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٿرڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو

ٿرڙي محبت ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو سومرا پاڙي ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدارن ڏاٽا هڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. زخمي نوجوان کي وارثن کڻائي اسپتال پهچايو. زخمي نوجوان جي چاچي علي گوهر جو چوڻ آهي ته سندن ئي برادري جي بااثرن بنا سبب سندس ڀائيٽي کي ڏاٽن جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس ڀائٽو ڪيتري ئي عرصي کانپوءِ  سعودي عرب کان ڳوٺ آيل هو، جنهن تي جوابدارن قاتلاڻو حملو ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے