11 منگل , دسمبر 2018

يورپي ملڪ به لبيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا ذميوار آهن: ايمنسٽي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل يورپي يونين کي به لبيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذميوار قرار ڏنو آهي. انساني حقن جي ان عالمي تنظيم جي يورپي شاخ جي سربراهه جان ڊال هوئيزن موجب يورپي ملڪن هو هدف آهي ته يورپ جو رُخ ڪندڙ پناهگيرن جي وڌ کان وڌ انگ کي بحيرا روم پار ڪرڻ ئي نه ڏنو وڃي، ان لاءِ يورپي ادارا لبيا ۾ اختيارين کي هر قسم جو سهڪار فراهم ڪري رهيا آهن ته جيئن مهاجرن جون ٻيڙيون سمنڊ ۾ ئي روڪيون وڃن ۽ انهن ۾ سوار ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي. ڊال هوئيزن موجب ان ڏوهه ۾ يورپي يونين جا ميمبر ملڪ به شامل آهن. لبيا ۾ هن وقت 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مختلف حراستي مرڪزن ۾ بند آهن، جيڪي جبري ڪم، تشدد ۽ استحصال کي منهن ڏئي رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے