15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز| ميرپورخاص تعليمي بورڊ يارهين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

ميرپورخاص تعليمي بورڊ يارهين جماعت جا پري انجيئرنگ، پري ميڊيڪل، پري سائنس جنرل ۽ ڪامرس گروپ سال 2017ع جا نتيجا پڌرا ڪري ڪيا. پري انجيئرنگ گروپ ۾ 7698 شاگردن حصو ورتو، جنهن مان 5727 شاگرد 6 پيپرن ۾ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته پري ميڊيڪل گروپ ۾ 13277 شاگردن حصو ورتو جنهن مان 10197 شاگرد 06 پيپرن ۾ ڪامياب ٿيا،،،، ۽ سائنس جنرل گروپ ۾ 333 شاگردن حصو ورتو، جنهن مان 162 شاگرد مڪمل پيپرن ۾ ڪاميان ٿيا، مجموعي طور ته امتحانن ۾ ڪاميابي جو تناسب 75 سيڪڙو رهيو آهي،،،، جڏهن تي تعليمي بورڊ پاران انٽرنيٽ تي ميسيج ذريعي نتيجا چيڪ ڪرڻ لاءِ به سروس شروع ڪري ڇڏي، ميسيج تي نتجيا چيڪ ڪرڻ لاءِ بي ايم پي اسپيس ۽ پنهنجو سلپ نمبر لکي  8583 تي موڪلي ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے