15 ہفتہ , دسمبر 2018

آمريڪي نائب صدر جو بائيڊن جي اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات

jobaidanعمان(ع آ نيوز) آمريڪا جي نائب صدر جوبائيڊن اردن جي شاهه عبدالله ٻئي سان ملاقات ڪئي. جرمني جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق جو بائيڊن وچ اوڀر جي دؤري جي آخري مرحلي ۾ اردن پهتو ،جتي هن شاهه عبدالله سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ شامي تڪرار کانسواءِ مرڪزي اوڀر جي ٻين مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جو بائيڊن ۽ شاهه عبدالله عمان ويجهو فوجي سکيا مرڪز ۾ جاري مشقن جو جائزو به ورتو. واضح هجي ته آمريڪا جو نائب صدر اسرائيل ۽ فلسطين جو دؤرو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اردن پهتو، هو مرڪزي اوڀر جي موجوده دؤري ۾ سڀ کان پهرين گڏيل عرب امارات ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي سپريم ڪورٽ رافيل اسڪينڊل ۾ مودي حڪومت کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ جنگي جهاز رافيل اسڪينڊل جي خريداري بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے