18 جمعرات , اکتوبر 2018

سياسي پارٽين هٿان جمهوريت جو ڏيوالو

پاڪستان ۾ سياسي پارٽين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ سميت سياسي حملن جو وهنوار وڌي رهيو آهي. جنهن  ڪري پاڪستان ۾ سياست توڙي جمهوريت جي باري ۾ نوان نوان چوٻول سامهون اچي رهيا آهن. انهن ۾ هڪ نئين ڳالهه جيڪا سامهون اچي رهي آهي سا ملڪ جي هاڻوڪي سرڪار جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي سندن خاتمي جي ڳالهه آهي، جنهن جي باري ۾ ڪنهن ه سياسي ڌر توڙي پارليماني سياست جي باري ۾ ڪنهن کي به اون ڪانهي ته سندن انهن سرگرمين جي ڪري جيڪي نقصان ٿيندا تن جو تاواڻ ڪير ڀريندو.

ڪالهه، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جڏهن به جمهوريت ڊي ريل ٿي، ان جو ذميوار نواز شريف ثابت ٿيو، ميان صاحب جو آخري وقت هلي رهيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ميان صاحب هر هنڌ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا، هاڻ چئي پيو سازش ٿي رهي آهي، اسان سدائين جمهوريت بچائي، ان خلاف ڪڏهن سازش نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي تي پ پ سدائين طاهر القادري جو ساٿ ڏنو، ڊاڪٽر طاهر القادري فون ڪري زرداري صاحب کي ملاقات جي دعوت ڏني، ٻنهي وچ ۾ ٻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پهرين ڳالهه بيت المقدس جي معاملي تي ٿي ۽ ٻي ڳالهه باقر نجفي جي رپورٽ تي.

ٻئي پاسي تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته لڳي رهيو آهي نواز شريف لنڊن کان واپس نه ايندو پر جيڪڏهن آيو ته اڊيالا جيل ويندو. پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته منهنجي خيال ۾ ريفرنسز جو فيصلو فيبروري تائين ٿي ويندو، ميان صاحب چوري جي پئسن مان لنڊن ۾ ملڪيت خريد ڪئي، اسان ماڊل ٽائون واقعي کي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪجهه به نٿو سنڀالي سگهي، ڇو ته حڪومت وٽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي، اها مڪمل طور غير فعال آهي. فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ فوري طور چونڊون ٿيڻ گهرجن.

ملڪ جي سياسي پارٽين کي سندن آئيندي توڙي اڄوڪي سياست جي باري ۾ فائدن ۽ نقصانن جي باري ۾ سوچي قدم کڻڻ گهرجن.

اربع 13 ڊسمبر 2017ع، 24 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي معاشي بدحاليءَ جي ذميوارن جو تعين…

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ اها ڳالهه وڏي اعتماد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے