13 جمعرات , دسمبر 2018

ڇا ميٽرو ٽرين سان لاهور جا لکين مسئلا حل ٿي ويندا: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ميٽرو ٽرين تي دهل وڄايا پيا وڃن، ڇا ميٽرو ٽرين سان لاهور جا لکين مسئلا حل ٿي ويندا، ڇا ان سان پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا. صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته پ پ اهڙو ڇا ڪيو آهي جو سڀ ان خلاف ٿي ويا آهن، عمران خان صاحب کي ڪير ڪجهه نٿو چئي، هو طالبان جي استاد سان ڳٺ جوڙ ڪري نئون اتحاد جوڙي ڇڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته هاري گذريل ٻن ٽن سالن کان وٺي سراپا احتجاج آهن، اهي مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ سبب پنهنجي فصلن کي باهه ڏئي رهيا آهن، حڪومت هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے