19 پیر , نومبر 2018

نيوز| تنگواڻي ويجهو ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، هڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي

تنگواڻي  ويجهو  ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن تھ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لاڙو ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  نوجوان مناف سندراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن تھ سندس سوٽ زاھد سندراڻي ۽ مسمات زيبوسندراڻي زخمي ٿئي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن تھ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي: معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪوٽڙي ۾ ٻڪري پاران  ٽماٽا کائڻ تان  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙي   دوران ٻڪري مالڪ قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے