18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز| کپري ڀرسان پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو، 17 هاري بازياب

کپري ڀرسان پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي 17 هاري بازياب ڪرائي ورتا. ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم تي پوليس ڳوٺ ڪنڇاري ۾ بااثر زميندار مير خان شر جي خانگي جيل تي ڇاپو هڻي، قيد ڪيل عورتن ۽ ٻارن سميت 17 ڄڻن کي بازيا ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو پوليس جو چوڻ آهي ته آزاد ڪرايل هارين ۾ ڪانجي، رامسنگهه، جميل ۽ اشوڪ  ڪمار سميت ٻيا شامل آهن. بازياب ٿيل هارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر زميندار ڪيترن ئي سالن کان کين جبري پورهيو ڪرايو رهيو هو.هنن چيو ته زميندار کان فصل جو حساب گهرڻ تي هٿياربندن جي مدد سان خانگي جيل ۾ بند ڪري پورهيو ڪرائيندو.  بازياب ٿيل هارين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃِي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڄامشورو: ڊي سي پاران سيوهڻ مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

*ڄامشوري ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريد الدين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے