14 بدھ , نومبر 2018

نيوز| لاڙڪاڻي ۾بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سي ايم سي لاڙڪاڻي جي ملازمن پاران ڪالھه به مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪاليج جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي صوبدار علي شيخ، نور محمد هليو، ذوالفقار علي شر، علي حسن ميراڻي، مور علي لغاري، عبدالجبار سيال ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته يونيورسٽي اندر ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري اداري کي برباد ڪيو ويو آهي   مظاهرو ڪندڙن  چيو ته  هنن جا جائز مسئلا ميڊيڪل، ڊي پي سي، ڪواٽرن جي مرمت حل نه ٿا ڪيا وڃن.  ملازمن سنڌ جي گورنر محمد زبير، وڏي وزير مراد علي شاھ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري جائز مطالبا  منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے