11 منگل , دسمبر 2018

نيوز| لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ملازم جو 6 هين ڏينهن به احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ملازم  6 هين ڏينهن به  برطرفي خلاف معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪيو  لاهوري محلا جي رهواسي علي نواز سانگي پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي مطالبن جي مڃتا لاءِ جناح باغ چوڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي علي نواز سانگي دانهيندي چيو ته مان 2003 کان ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڊيلي ويزج تي ڪم ڪري پنهنجي معصوم ٻچڙن جو پيٽ پاليندو هيس، جڏهن ته قربان علي عباسي جي دور ۾ مونکي پڪو پڻ ڪيو ويو هيو  متاثر شهري  چيو ته هن وقت مونکي نوڪري کان برطرف ڪري منهنجي ٻچڙن جي وات مان گرھ کسيو ويو آهي، نوڪري کان نڪرڻ بعد مان ۽ منهنجا معصوم ٻچا فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،  احتجاج ڪندڙ ملازم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نوڪري تي بحال ڪري معصوم ٻچڙن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپوٽ| ڪنڊيارو: خانگي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي

ڪنڊيارو ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي تعليم پرايو ثقافت بچايو جي سري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے