17 بدھ , اکتوبر 2018

ڪامريڊ !موٽي آءُ…

محمد خان دائود

جڏهن سنڌ جا هاري آباد گار،ڪراچي جي برنس روڊ تي ان پوليس جي هٿان دربدر  ٿي رهيا هُئا.جنهن پوليس لاءِ سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اها سنڌ پوليس ڏوهن ۽ ڏوهارين جي ماءُ آهي.تڏهن اُهو ڪامريڊ گهڻو ياد آيو جنهن کي ڪوئي به ياد نٿو ڪري!

نه اُهي جنهن جو هوُ جسماني ابو هو.نه اُهي جنهن جو هوُ شعوري ابو هو.ڪامريڊ انهن کان ائين وسري ويو آهي جيئن ٻارن کان اهو وسري ويندو آهي ته “هوُ ڇا تي وڙهيا هُئا ۽ ڇو وڙهيا هُئا؟ڪيئن  پرچي ويا ۽ انهن کي ڪنهن پرچايو؟!“

پر ڪامرِيڊ ته سنڌ جي شعور کان ان کان به بُري طريقي سان وسري ويو آهي.هاڻي ڪامريڊ کي ڪير ياد ڪري ٿو؟

اهو اظهر جتوئي يا اُها حويلي جنهن ۾ بس ڪامريڊ جون ڪجهه پراڻيون تصويرون لڳل آه .يا ڪنهن ڪنڊ ۾ اُها اسٽريڪ رکي آهي جنهن جي سهاري ڪامريڊ گهندو ڦرندو هو.يا اُهي ايش ٽري!

باقي اُتي ڇا آهي؟!

اڄ جيڪڏهن ڪامريڊ سنڌ جي شعور کان نه وسريو هُجي ها ته آهي آباد گار ۽ هاري ڪراچي جي ان برنس روڊ تي پاڻي ۾ ائين شرابور نه ٿين ها جيئن ماڪ ۾ اُهي ميخانا شرابور ٿيندا آهن .جنهن جي درن تي ڪڏهن به قلف ناهن هوندا.پر هاڻي تي انهن مئي جي درن تي به قلف آهن.

ڪراچي جو اُهو برنس روڊ جتي امير ماڻهو وڃي نخري سان ماني کائيندا آهن اُهي اُتي پيٽ جي بک نه اُجهائيندا آهن.پر هوُ گهڻو کاڌو گهرائي تمام ٿورو کائي باقي بچائي ڇڏيندا آهن.اُن ئي روڊ تي اُهي غريب هاري پوليس گرديءَ جو شڪار ٿيا.ائين ان ڏينهن تي ميڊيا بار بار اهيو ڏيکاري رهي هُئي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ڪئين نه اسلام آباد واري جلسي ۾ نچي ڪڏي رهيو آهي.ٻانهون لوڏي رهيو آهي.ٻي طرف برنس روڊ تي هاري،زميدار پاڻيءِ ۾ شرابور ٿي رهيا هُئا،پر اُهي وڏيرا جيڪي اڪثر هارين جو پاڻي چوري ڪري وٺندا آهن يا انهن جا اُهي ڪمدار جيڪي انهن وڏيرن جي ڪنن ۾ سس پس پيا ڪندا آهن، اُهي ان پاڻيءِ کان محفوظ رهيا.ان ڏينهن اُهي ئي هاري پاڻيءِ سان آلا  ڪيا ويا، جنهن جون اڪثر ٻنيون پاڻيءَ کان خالي هونديون آهن.انهن جون ٻنيون پاڻيءِ کان ائين خالي هوندون آهن.جيئن ڪنهن ناريءَ جي سينڌ تيل جي لپ کان خالي هوندي آهي،

اها ڪيڏي نه بدنصيبي آهي ته  انهن جون اڪثر ٻنيون پاڻيءَ کان خالي هونديون آهن پر ان ڏينهن انهن جا وجود پاڻيءَ سان ڀريا ويا.انهيءِ لاءِ ته هو پنهنجي مزدوري جيڪي ڪمند جي شڪل ۾ موجود آهي ۽ هاڻي ٻنين ۾ سُڪي رهي آهي.اُها مزدوري جيڪا انهن ٿڌن  ۽گرم ڏينهن ۾ سخت محنت ڪري حاصل ڪئي انهن جي اُها مزدوري هاڻي سُڪي رهي آهي.پر اُهي انهن چونڊيل اسمبيلي جي مميبرن کي ڪا به خبر ناهي ته اُهي هاري ڇا ٿا چاهين اُهي ايترو پريشان ڇو ڪيا ويا آهن جو اڄ هوُ روڊن تي دربدر  ٿي رهيا آهن، انهن جي ڪو به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.نه اُهي جيڪي اسمبيلي ۾ آهن ۽ نه اُهي جيڪي سيٺ آهن. جن جون اُهي ملون آهن.جيڪي شهر جي صاف ۽ وڏي آفيس ۾ ويهي انهن هارين جي قسمت جا فيصلا ڪن ٿا.انهن کي اهيا به ڄاڻ ناهي ته هڪڙو فصل ڪيتري اذيت کان پوءِ تيار ٿئي ٿو.اُهو صرف ڪمند جو فصل ئي ناهي هوندو پر ان فصل ۾ ان هاري ان زميدار جو پگهر،محنت حوصلو ۽ رت به شامل هوندو آهي.پر اڄ اُهي همراهه جيڪي اسمبليءَ فلور تي ويهي مٺي چانهه ته پي رهيا آهن پر انهن اهيا ڪا به خبر ناهي ته ڪراچي جي برنس روڊ تي اُهي هاري ڇو پاڻيءَ جي بندوقن سان ماريا پيا وڃن؟!اُهي هاري جنهن جي زندگي جو سارو دارومدار ان ئي فصل تي هوندو آهي .۽ جڏهن اهڙا وڏا ۽ ڪارائتا فصل لهي تيار ٿيندا آهن ته اُهي مالڪ جنهن جون سنڌ جي سيني تي شگر ملون هلن ٿيون جيڪي گونگو احتجاج ڪنديون آهن ته  انهن هارين سان اهڙو ظلم نه ڪيو جڏهن انهن ملن جي دانهن نه ٻڌي ويندي آهي ته اُهي ملون پنهنجي چمنين مان گونگو دونهون ڪڍي احتجاج ڪنديون آهن.پر هن دفعي ته اُهي ملون هليون ئي ڪونه آهن.نه ئي وري انهن ڪوئي احتجاج ڪيو آهي.

پر اتي سوال اهو به ته آهي ته ڇا مٺائي ءَ کان ويندي مٺي ڪافيءَ تائين بس اُهي واپرائين ٿا جيڪي اسمبيلي ۾ موجود آهن ؟!

نه ائين ناهي اها مٺاڻ انهن سڀني کي وڻي ٿي جيڪي شوگر جهڙي موذي مرض کان بچيل آهن.پوءِ اُهي جيڪي اسمبيلي سياست کان پاسو ڪري صدا بهار سدا ملوڪ سياست قومپرست سياست ڪن ٿا اُهي ڇو خاموش آهن جڏهن تي اسان جا هاري برنس روڊ تي مارجي رهيا آهن.

ڪٿي آهن اُهي سرخ،سبز،نيرا ڳاڙها ڪارا پرچم جيڪي بي اجائي سجائي ته جهومندا رهندا آهن پر جڏهن اڄ انهن کي صحيح معنيءِ  ۾ جهولائڻ جو وقت آيو آهي ته سڀ سرنگو آهن!

ڪٿي آهن اُهي ليڊر جيڪي بوشڪي جو پٽڪو پائي انهن ڪلچرئي پروگرامن ۾ ته نظر اچن ٿا ٽي وي تي ٻٽانگ هڻندي ته نظر اچن ٿا.ڪوٽ ٽائي پائي وڏا وڏا ليڪچر ته ڏين ٿا پر ڌاريا نامنظور ڪيمپين ۾ ته نظر اچن ٿا وڏا وڏا ليک لکي پنهنجي دانشوري ته ظاهر ڪن ٿا.پر تڏهن ڪٿي گم ٿي وڃن ٿا جڏهن سنڌ جا هاري سموري سنڌ پنهنجي پيرن سان لتاڙي ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ سنڌ سرڪار انهن جون ڳالهيون ته ڇا ٻُڌي پر انهن جو وحشياڻو استقبال ڪري ٿي ۽ انهن جي وجود کي پاڻي سان ڀري ڇڏي ٿي.

ان پاڻي سان صرف انهن جا وجود ئي نٿا پسن!پر اُهو پاڻي انهن جي سمورن ارمانن کي ٻوڙي ڇڏي ٿو.انهن جي ان قميض جي کيسي کي به ٻوڙي ڇڏي ٿو جنهن کيسي ۾ انهن جا نا مڪمل پتا.سستا سگريٽ ۽ اُهي موبائل فون پيل هوندا آهن جتان معصوم ٻار گهران فون ڪري پنهنجي بابا کي ڪراچي مان ڪا شيءِ آڻڻ جي فرمائيش ڪندا آهن پر  جيئن سڀئي ارمان ٻڏي وڃن ٿا انهن ارمانن سان اُهي موبائل فون به پاڻي پاڻي پاڻي ٿي وڃن ٿا!

ڇا ڪند جو فصل بس سنڌ ۾ ئي ٿئي ٿو؟ جيڪڏهن  نه ته هارين جو هيڻو حال صرف سنڌ ۾ ڇو ٿئي ٿو؟!!

ڇا پنجاب ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته فصل تيار هُجي ۽ ان جي حق ۽ سٺي ملهه لاءِ هاري روڊن تي پوليس گرديءِ جو شڪار ٿي رهيا هجن؟!!

ڇا ٻين صوبن ۾ به ائين آهي؟! جيڪڏهن نه ته پوءِ سنڌ جا هاري ائين نڌڻڪا ڇو ٿي ويا آهن؟!!

هارين جو ايئن پوليس گرديءَ  جو شڪار ٿي وڃڻ جو اهو ئي سبب آهي ته هاڻي سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ناهي  رهيو، جيڪو پنهنجي شاهي ملازمت ڇڏي هارين کي پاڻ سان هلائڻ لڳو هو.جيڪو پيريءَ ۾ به ريل جو ٿرڊ ڪلاس ٽڪٽ وٺي سفر ڪندو هو جيڪو هاري نه هو پر هارين جهڙو ٿي ويو هو.ڪامريڊ سنڌ جو اجتماعي شعور هو جيڪي سنڌ جي هٿان وڃائجي چڪو آهي ۽ سنڌ پاڻ هڪ تماشو بڻجي وئي آهي.

هاڻي ته سنڌ ۾ فاضل جهڙا ڪردار به ڪونهن جيڪي هارين جا مسئلا ٻڌي حل ڪن.

هاڻي ته هر طرف بس پيسي ڏوڪڙ جي ڳالهه آهي ،اڄ جڏهن هاري ڪراچي جي برنس روڊ تي دربدر ٿي رهيا آهن تڏهن ڪراچي جي ڪنارن کان ڪافي ڏور پراڻو هاري جيڪو جوانيءَ  ۾ ڪامريڊ به هو پاڻ سان مخاطب ٿي چئي رهيو آهي،

“ڪامريڊ پرچمن جي شور ۾،

ڪامريڊ سگريٽ جي دونهن۾،

ڪامريڊ ڪئي پراڻن نون نعرن جي گونج ۾،

ڪامريڊ!موٽي آءُ!

ڪامريڊ!موٽي آءُ! “

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے