13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪيوٽو-قديم طرز تعمير وارو شهر :ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

5 سيپٽمبر 2010ع تي ماميا ڪينساڪوُ مون سان اوساڪا مان ڪيوٽو هلڻ جو پروگرام رکيو هئو؛ جو اُتي اسان کي ننوميا آياڪوُ گهرايو هئو. پروگرام  موجب مون کي صبح جو 9:45 بجي’اِشي باشي‘ اسٽيشن تي پهچڻو هئو؛ پر آءٌ ڏه منٽ اڳ ئي اُتي پهچي ويس. ماميا صاحب ٺيڪ پوڻين ڏهين بجي پهتو ۽ پليٽ فارم تان اندران ئي مون کي اوڏنهن اچڻ لاءِ اشارو ڪيو.

اسين ‘اِشي باشي‘ کان ‘اُميدا‘ وڃڻ واري لوڪل ٽرين پڪڙي؛ پر هڪ اسٽيشن اڳ ئي’جوسو‘ تي لهي پياسين. ڇو ته اُميدا کان ڪيوٽو ويندڙ ٽرين ’جوُسو‘ تان ئي اوڏانهن وڃڻي هئي. ان لحاظ کان ’جوسو‘ جنڪشن جي ڏاڍي وڏي اهميت آهي. ’جوُسو‘ تي لهندي ساڳئي پليٽ فارم تي ئي صرف سامهون واري پاسي وڃي بيٺاسين؛ جو اُتان ئي اسان کي ڪيوٽو لاءِ ٽرين ملڻي هئي.

اوساڪا کان ڪيوٽو ويندڙ هانڪيوُ ريلوي ٽرين تي ’جوُسو‘ مان چڙهياسين ته اها ٽرين لوڪل کان ڪجهه  وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي. لوڪل ٽرين ۾ پاسي کان ويهڻ لاءِ سيٽس هونديون آهن ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي بيٺي ئي منزل تي پهچائي سگهجي. ان لانگ ڊسٽنس ٽرين ۾ ٻه ٻه شاندار صوفا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا ۽ پاسي وارا شيشا به ايڏا ته ويڪرا ۽ خلاصا هئا، جيئن هر هڪ مسافر بيحد آرام سان ٻاهريون نظارو ڏسي سگهي!

اسين 10:14بجي صبح جو ’جوسو‘ اسٽيشن کان ڪيوٽو لاءِ نڪتاسين. هانڪيوُ ريلوي جي اُها ٽرين لوڪل کان گهڻو وڌيڪ رفتار سان هلي رهي هئي. ماميا صاحب ۽ مان گڏ ئي ويٺا هئاسين. تيز ڊوڙندڙ ايڪسپريس ٽرين جي درين مان ٻنهي طرفن کان جاپان جي خوبصورتي ڏسي بيحد لطف اچي رهيو هئو. تيرهن منٽ جي سفر کان پوءِ ‘Iburaki-Shi’ تي پهتاسين.

‘Shi’  جاپاني ٻوليءَ ۾ ’شهر‘ کي چيو ويندو آهي؛ مطلب هئو ته ان مهل اسين ابيوراڪي شهر منجهه هئاسين. اڃا تائين اهي سڀ حصا اوساڪا جي پسگردائيءَ جو ئي حصو هئا ۽ ان جي سب-ارب ۾ آيا پئي. چئن منٽن کانپوءِ ‘Takatuski-Shi’ تي پهتاسين. تاڪاتوسڪي، اوساڪا جي پسگردائيءَ جو آخرين سب –ارب هئو ۽ اڃا تائين ڪٿي به خالي حصو آيو ئي ڪونه هئو ۽ پورو اوساڪا شهر پاڻ ۾ ڳنڍيو ئي پيو هئو. هاڻ اوساڪا جون حدون ختم پئي ٿيون. پوءِ ته ٿورو ئي اڳيان وڌڻ کانپوءِ لڳاتار هلندڙ عمارتن جو سلسلو به آهسته آهسته ختم ٿيندو ويو. ان جي جاءِ تي هاڻ اسين سرسبز و شاداب پهاڙي به سلسلي منجهان هلي رهيا هئاسين.اڃا هڪ ٻه منٽ ئي اهو سائو سائو پهاڙي سلسلو هليو مس ته اوساڪا کان ٻاهر نڪرندي ڪيوٽو جي سب-ارب شروع ٿي ويئي. آهسته آهسته ڪجهه ڇڊا ڇڊا گهر اچڻ لڳا؛ جن جي پٺيان اهو پهاڙي سلسلو جاري ئي هئو.

10:39 بجي اسين ڪيوٽو جي پهرين پسگردائي ‘Nagaoka-Junji’ تي پهتاسين. جيتوڻيڪ ڪجهه ننڍيون ننڍيون اسٽيشنون رستي تي ٻيون به گهڻيئي آيون هيون؛ پر ايڪسپريس ٽرين هئڻ سبب اسين صرف اهم اسٽيشنس تي ئي پئي اسٽاپ ڪيوسين. اسان برصغير وارن کي هنن ملڪن مان سبق سکڻ کپي، ته انهن ملڪن ۾ صرف وچ شهر واري ايراضي ئي نه پر پوري جو پورو ملڪ؛ جيڏانهن نهار ته انتهائي صاف، خوبصورت ۽ سليقي سان ٺاهيل نظر ايندو! ڀل اسين سب-اربس ۾ هئاسين، پوءِ به اتان جون عمارتون سونهن ۾ هڪٻئي سان گڏ کڻي رهيون هيون. بيحد صاف سٿرا روڊ ۽ رستا؛ دل پيئي چوي ته جيڪر هڪ هڪ نظاري کي ڪيمره ۾ عڪس بند ڪري رکجي!

10:45 بجي’ڪاتسوا‘ شهر ۾ پهتاسين. اهو شهر وري ڳتيل هئڻ بدران خلاصو خلاصو پئي لڳو؛ جو اُتي کليل ايراضي ڪجهه وڌيڪ پئي نظر آئي. 10:48 بجي ڌرتيءَ جي مٿان سفر ڪرڻ بجاءِ اسانجي ٽرين انڊرگرائونڊ هلي ويئي. پوءِ ته ڪجهه به نظر ڪونه پئي آيو؛ پر ٽرين جي خوبصورتي، صاف صفائي ڪنهن به قسم جي گهُٽن کي پهچڻ ئي ڪونه پئي ڏنو!

اسين 10:52 ئي ’ڪيوٽو‘ شهر اندر هانڪيوُ ريلوي جي اسٽيشن ’ڪاواراماچي‘ تي پهتاسين. ٽرين مان ٻاهر نڪري ايسڪيليٽر جي مدد سان اڍائي ماڙا مٿي چڙهي آياسين ۽ ٿورو ئي پنڌ ڪندا اوڀر طرف اسٽيسن جي ٻاهر نڪتاسين ته ڪيوٽو جي معروف ترين علائقي ۾ هئاسين. ڪاواراماچي اسٽريٽ، اُتر ۽ ڏکڻ ۾ پئي ويئي ته ان کي ڪٽيندي ٻيو روڊ وري’شيجو اسٽريٽ‘اوڀر ۽ اولهه طرف پئي ويو.

اسين اسٽيشن جي ئي پورچ هيٺان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ننوميا آياڪو جو انتظار ڪرڻ شروع ئي ڪيو، ته هوءَ ماڻهن جي انبوه مان اسان کي ڳوليندي  پهچي به ويئي. هواسان کي ڏسندي ئي اصل ٽڙي پيئي. هن بيحد پاٻوه منجهان ڪيوٽو پهچڻ تي اسان جو استقبال ڪيو ۽ ميوا ڪانيتانيءَ لاءِ ٻڌايائين ته اها ڪنهن ضروري ڪم سبب ڪونه اچي سگهندي!

اسان وٽ اوساڪا مان ستو يوُتا به اچڻو هئو. اڃا اُن جو به انتظار ڪيون ئي ڪيون؛ ته اهو به پهچي ويو! اسين ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي ’شيجو اسٽريٽ‘ تان اولهه طرف شهر کان ٻاهر نڪرندا ‘Kyomizo Temple’ ڏانهن وڃڻ لڳاسين.

’ڪيوميزو مندر‘ وارو علائقو پهاڙي نما مٿانهينءَ تي هئو. رستي تي ڪجهه هٿ گاڏيون به نظر آيون؛ جن ۾ پٺيان ٻه ماڻهو ويهاريندي  اڳيان ڪنهن جانور بدران ان کي ماڻهو ئي گهلي رهيو هئو. آياڪو ٻڌايو ته اهي رڪشائون صرف ٿوري پنڌ تي سياحن لاءِ ئي هلايون وينديون آهن.

جيئن جيئن مندر کي ويجهو پئي ٿيندا وياسين، ته پهاڙي نما رستو مٿانهينءَ ڏانهن پئي ويو ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ريسٽارنٽ، ڪراڪري، سووينر وغيره جا دوڪان لڳايل هئا. مون آياڪو کي چيو ته جاپان توڙي ڀارت ۾ اهي رشي مني، سنت مهاتمائون ۽ پير درويش ان لاءِ ئي جهنگلن ۽ پهاڙن جي اوچائين تي وڃي پنهنجي ڪُٽيا ٺاهيندا هئا؛ جو اُتي سندن عبادت ۾ رخنو پوڻ وارو ئي ڪونه هئو. پوءِ وقت گذرندي مجاورن ورتو انهن آستانن تي اهي مندر ۽ درگاهون ٺاهي ڇڏيون!

’ڪيومزو مندر‘ وٽ مٿانهينءَ تي پهتاسين ته هڪٻئي پٺيان ٽي جاپاني ڪيسل نما عمارتون هيون. جيتوڻيڪ انهن کي ٺهندي چار سئو سال ٿي چڪا هئا؛ پوءِ به اڄ سوڌو اهو آرڪيٽيڪچر ۽ عمارتون بيحد خوبصورت لڳي رهيون هيون. تقريبن سمورو ڪم ڪنهن اوچي قسم جي ڪاٺ سان ٿيل هئو.

ڪيوميزو مندر، اوٽوا پهاڙيءَ تي تعمير ڪيل آهي؛ جنهن کي ‘Otowasan’ پڻ چيو ويندو آهي. هيءُ مندر ’هگاشي ياما‘ پهاڙي سلسلي تي ٺهيل آهي؛ جتي اوچائيءَ تي پهچڻ سان هڪ وڏي شاهي ڪٽهڙي وٽ اچي بيهه ته سامهون سرسبز و شاداب خوبصورت پهاڙي ۽ ڪيوٽو شهر جو هڪ وشال نظارو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو.

هيءُ مندر هڪ بکشوُ سنت مهاتما، بينچن 780ع ۾ اڏايو هئو. هينئر ان جو جيڪو روپ اسان جي سامهون آهي، ان مان خاص طور ‘Hondo Hall’ 1633ع ۾ تعمير ٿيل آهي. ان لاءِ هنن ٽه منزله عمارت Sanjunoto،  جنهن کي ‘Pagoda’ پڻ چوندا آهن؛ اهو پگوڊا ۽ ’بيل ٽاور‘ ٺاهيا هئا. اهو مندر ڪانموُ شهنشائيت جي سرڪاري هٿ هيٺ رهيو ۽ وقت گذرندي ڪڏهن ڪڏهن انهن عمارتن کي باهيون پڻ لڳنديون رهيون؛ جن جي بعد ۾ مرامت ڪرائي ويئي هئي.

مندر جي اهم خصوصيت ‘Otwa No Taki’ واٽر فالس آهن؛ جتان وهندڙ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ لاءِ اتان جا ماڻهو بيحد تعظيم رکندڙ آهن.’يونيسڪو‘ طرفان ان قديم مندر جي اڏاوت کي ’ورلڊ هيريٽيج  لسٽ‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان لاءِ به هيءُ مندر ڪيترن ئي سياحن جي ڪشش جو باعث پڻ آهي.

اسين مندر جي ڪٽهڙي مان جڏهن هيٺ نظر ڪندي کاٻي طرف ’صاف پاڻيءَ جو چشمو‘ ڏٺوسين ته ائين پئي لڳو ڄڻ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڙا ته واه جو هيٺ ٿي سگهيو پئي! اسين انهن ورڪڙ رستن تان گهمندي هيٺ لهي اچي ان چشمي جي وهندڙ ٽن الڳ الڳ ڌارائن مان ننوميا، ستو ۽ مون لوٽيءَ ۾ اهو امرت ڀري پيتو.

پورو مندر ڏاڍي وسيع ايراضيءَ تي ڦهليل هئو. موٽڻ مهل ان سان لڳ ‘Sanctuary’ کي به صرف ٻاهران ڏسندا  نڪري آياسين؛ جو اسان کي ٻيون به گهڻي ئي جايون ڏسڻيون هيون. مندر کان ٻاهر نڪرندي ساڄي طرف جو مڙياسين؛ ته قديم طرز تعمير وارو ڪيوٽو شهر اسانجي سامهون هئو. انهن قديم عمارتن جي اڏاوت کي اڄ به محفوظ رکيو ويو آهي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٺاهيل جهونا گهر هاڻ به صاف ۽ رنگ روغن لڳايل ڄڻ نوان ئي لڳي رهيا هئا.

اسين اتان نڪرندي هڪ ٽيڪسي ڪري ماڊرن ڪيوٽو طرف آياسين. اُتي ٽيڪسيون گهڻو ڪري ‘ٽويوٽا ڪرائون‘ يا ڪجهه ٻين جاپاني ڪمپنين جون هوندي ايشيا جي ٻين ملڪن جيان ليفٽ هينڊ ڊرائيو آهن. هر ڀيري جڏهن به ڪنهن ٽيڪسيءَ ۾ چڙهياسين ته ننوميا ان ڊرائيور سان ائين ڳالهائي رهي هئي؛ ڄڻ اهي سڀ جاپاني ماڻهو پاڻ ۾ عزيز هوندي هڪٻئي کي سڃاڻندا هجن. اها آهي اُها اعليٰ تهذيب، جا پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏي! پر ٻيلي اُتي ٽيڪسي ڏاڍي مهانگي هئي. ميٽر موجب گهٽ ۾ گهٽ بل 580-ين اچڻو هئو؛ پر هر ڀيري ڳاٽي ڀڳا پيسا پئي ڀرياسين. هيڪر ته اڍائي هزار ين به ڏيڻا پيا!

اسين ڪيوٽو جي ‘اوئڪي اسٽريٽ‘ تان ٿيندا ٻاهران ئي ٻاهران ’ڪيوٽو ميونسپل ڪارپوريشن‘ جي عمارت ڏسندا  ‘Nijo Castle’ ڏانهن آياسين. ڪيسل ٻاهران ايڏو ته وڏو شاهي روڊ هئو؛ جو ان جي هڪ پاسي کان پئين پاسي وڃڻ لاءِ ماڻهوءَ کي 400- فوٽ ايراضي ته واه جو ڪراس ڪرڻي پوي!

اها ڪيسل دراصل قديم زماني ۾ ڪيوٽو جي هڪ وڏي جاگيردار شوگن جو محل هوندي هئي. ان سائيٽ کي محفوظ رکڻ لاءِ ’يونيسڪو‘ وارن 1994ع کان ’ورلڊ هيريٽيج‘ لسٽ تي رکيو آهي. ان ڪيسل جي اڏاوت لاءِ ٻه لک  پنجهتر هزار اسڪوائر ميٽر ايراضي محفوظ ڪيل آهي. ان مان ٽيهتر سئو اسڪوائر ميٽر ايراضيءَ تي اڏاوت ٿيل آهي؛ جنهن ۾ ڪجهه الڳ الڳ عمارتون تعمير ڪيل آهن. انهن کي اڄ به قومي خزاني جي اهميت ڏني وڃي ٿي. ان کي ‘Ninomaru Palace’ به سڏيو ويندو آهي، اُتي مختلف ديوارن تي 954 وڏيون شاندار تصويرون لڳايل آهن، جيڪي اتان جو ڪلچرل اثاثو آهن!

ان ڪيسل جي تعمير جو ڪم 1603ع ۾ شروع ڪيو ويو ، جڏهن انهن کي ٽوڪو گاوا جي پهرئين شوگن، آئشوُ“ جي مقرر رهائش گاه جو روپ ڏنو ويو هئو. پر ان عمارت کي تڪميل تي پهچندي پهچندي ٽيويهه سال لڳي ويا؛ تڏهن 1626ع ۾ ٽيون شوگن، ’آئمتسو‘ ان عاليشان محلات کي سچ پچ پنهنجو آرامگاه بڻائي سگهيو. 1614-1573ع دوران ‘Fushimi Castle’  جون پڻ ٺهيل ٺڪيل اڏاوتون کڻائي اچي هتي لڳايو ويون هيون. جاپان ۾ ‘Edo’ دور جي شان و شوڪت جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ‘Nijo Castle’ هڪ بهترين مثال آهي؛ جنهن کي ‘Momoyama’ ڪلچر جو پڻ علمبردار چئجي ٿو.

آڪٽوبر 1867ع ۾ جڏهن ٽوڪاگاوا جي پندرهين شوگن ‘Yoshinobu’، شهنشائيت واپس ڪرڻ جي اعلان لاءِ ملڪ جي سمورن جاگيردارن کي اُتي سڏ ڪرايو؛ تڏهن جاپان مٿان 270 سالن کان هلندڙ ‘Tokugawa’، فوجي حڪومت جو خاتمو ٿيو، اڄ به محل اندر ان دور واري شوگن ‘Yoshinobu’ ۽ ٻين ڪيترن جاگيردارن جا پتلا هڪ هال ۾ ويٺي ڏيکاريل آهن؛ جو ڀانءِ ته هينئر  به انهن جي ميٽنگ هلي رهي آهي!

اسين اڃا ٻاهرئين روڊ تي ٽيڪسيءَ مان لٿاسين ته عمارت کي ٻاهران ئي ڏسندي دل خوش ٿي ويئي. سياحن جو انبوه لڳو پيو هئو. اسين به في ماڻهو 600-ين ٽيڪٽ وٺي اندر داخل ٿياسين. اندر ته وري هڪ ٻيو شاندار گيٽ  ايڏي عظمت ۽ اوج سان بيٺو هئو؛ جو لڳي ته شهنشاهي محلات ائين ٿيندا آهن!

پر سائين ڳالهه اتي به ختم ٿيڻ واري ڪونه هئي. اندر داخل ٿيءُ ته هڪ وسيع اڱڻ کانپوءِ وري هڪ ٽيون شاهي دروازو؛ جنهن جي اندر ئي اها ڪيسل واقع هئي. پوءِ ته اسين به اندر وڃي شوگن وارو آرام گاه، هٿيار پنوهار، پينٽنگس؛ هڪ هڪ شئي ڏٺيسين، واپسيءَ ۾ ’نينومارو گارڊن‘ ۾ هئاسين. جو هندوستان مان جئه هند ڪاليج، پمپري (پونا) مان سنڌيءَ جي ليڪچرر انيتا ڏوڏيجا جي فون آئي؛ جيڪا اُتان ’ٽيچرس ڊي‘ جي موقعي تي مونکي نيڪ تمنائون ڏيئي رهي هئي. پرائي ڌرتيءَ تي پنهنجن کان موڪليل اُهي مبارڪون بيحد بيحد تسڪين ڏيئي رهيون هيون!

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے