16 اتوار , دسمبر 2018

ڀارت ۾ دوست سان گڏجي مڙس کي ماريندڙ عورت جي ڊرامائي گرفتاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ حيرت ڏياريندڙ واقعي کانپوءِ هڪ جوڙي جي گرفتاري سامهون آئي آهي، جن تي الزام آهي ته عورت طرفان مڙس کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس دوست پلاسٽڪ سرجري ذريعي مقتول جهڙو نظر اچڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارت جي ڏاکڻي رياست تلينگانا ۾ هڪ عورت سواتي ريڊي پنهنجي دوست راجيش اجڪولو سان گڏجي مڙس کي مارڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ ٻنهي گڏجي سوڌاڪر ريڊي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عورت ڊرامو ڪيو ته منهنجي مڙس تي تيزاب هاريو ويو آهي، جنهن سبب سندس چهرو متاثر ٿيو آهي. ڄاڻايل جوڙي 26 نومبر تي سوڌاڪر ريڊي کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو هو. 28 نومبر تي سواتي جي دوست راجيش کي تيزاب هارڻ کانپوءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو ۽ جوابدار عورت ساهرن کي اطلاع ڏنو ته منهنجي مڙس تي تيزاب سان حملو ڪيو ويو آهي. ننهن جي اطلاع تي سوڌاڪر جي وارثن ڪهاڻي کي سچ سمجهندي علاج لاءِ سواتي کي 5 لک رپيا ڏنا پر جڏهن مقتول سوڌاڪر جو ڀاءُ اسپتال پهتو ته کيس شڪ ٿيو ته هي شخص منهنجو ڀاءُ ناهي. پوليس موجب جوابدار راجيش تي ان وقت شڪ ڪيو ويو جڏهن کيس مٽن سوپ پيش ڪيو ويو پر هن وراڻيو ته مان سبزي خور آهيان، جڏهن ته سواتي جو مڙس سوڌاڪر گوشت کائيندو هو. مقتول جي ڀاءَ اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، جنهن کانپوءِ اسپتال ۾ موجود راجيش جي فنگر پرنٽ ورتي وئي، جيڪا مختلف هئي. معاملو ظاهر ٿيڻ تي سواتي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مان پنهنجي دوست راجيش سان گڏجي مڙس سوڌاڪر کي قتل ڪيو آهي. پوليس موجب ٻنهي جوابدارن سوچيو ته سرجري کانپوءِ راجيش جي شڪل سوڌاڪر جهڙي ٿي ويندي. مقتول جي ڀاءُ قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت سواتي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار راجيش کي علاج کانپوءِ گرفتار ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian troops martyr five Kashmiri youth in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي دهشتگردي، وڌيڪ 9 ڪشميري شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے