12 بدھ , دسمبر 2018

ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان گهاريل گهڙيون:رکيل مورائي

سامهون ڊگهي نظر جي حد تائين پاڻي ئي پاڻي آهي،  اماوس جي رات آهي، آڪاس ۾  ضرور تارا ٽمڪندا هوندا چنڊ جي غير موجودگيءَ ۾ هر ستارو پاڻ لاءِ چنڊ هجڻ جو گمان پاليندو هوندو. سامهون ڇَرَتي پوندڙ  لائيٽن جي روشني، روشني جيڪا هٽن جي مٿان لڳل سرچ لائيٽن جي شعاعن کي لهرن سان ٽڪرائي هڪ عجيب کيل ڏيکاري رهي آهي. ان جي آخري حد تائين  نظر ايندڙ لهرون شعاعن کي اڀاري رهيون آهن.

آسمان ڏانهن نظر ڪراس نه ٿي رهي آهي ان ڪري تارن جي سونهن پاڻيءَ ۾ لهرن ۽ سرچ لائيٽن  جي شعاعن جي راند ۾ لهي آئي آهي. پاڻيءَ ۽ روشنيءَ کان ٻاهر  گول گهمي ايندڙ ڪناري سان الڳ الڳ ادارن جا هٽ ۽ بنگلا جڙيل آهن. ڪي جڳهيون به آهن  جن ۾ بلب موڪلن جا  ڏينهن هجڻ ڪري چمڪي رهيا آهن.

سرچ لائيٽ جي شعاعن کان  تنگ ٿي ڪڏهن ڪڏهن ڪو پکي هڪ وڻ کان اڏي ٻئي وڻ ڏانهن وڃي ٿو ته سندس ڀڙڪي اڏرڻ جو آواز ڪنهن اڏرندڙ جهاز جيان سانت کي چيري وڃي ٿو، وڻن ۾ ويٺل پکي خوف کان ڀڙڪي ڏئي اڏرن ٿا جيڪي سج لهڻ کان پوءِ  وڻن ۾ جوڙيل پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آرامي هوندا آهن، ڪنهن ڪنهن وقت پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهن ته اونداهي مرڪي پوندي آهي ۽ هتي هٽن ۾ عارضي رهاڪن  جي ڪنن جي ويجهو فطرت نچڻ ۽ ڳائڻ لڳندي آهي.

نگاهه جي سڌ تي پاڻي جي ڇَرَجي پڄاڻي تي، جيڪا پڪ سان ڪينجهر جي ٻي ڪنڌي ئي ٿي سگهي ٿي، سڌ ۾ ايندڙ ڪا گاڏي روشنيءَ جي هڪ لڪير کڻي اچي ڪينجهر جي ڪناري تي چڙهي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن به طرف مڙي پٺيان ساڳي اونداهي ڇڏي وڃي ٿي.

سامهون ئي سامهون ڪن فيڪٽرين جي چمنين مان ڪڏهن ڪو باهه جو شعلو ظاهر ٿئي ٿو، ڪڏهن وري گم ٿي وڃي ٿو، اهڙا شعلا هڪ کان وڌيڪ مختلف وقتن تي ٻرن ٿا ۽ وسامي وڃن ٿا، ائين انهن جي رات جي اونداهيءَ سان اڳ ٻُوٽ راند  جاري آهي  .ماحول ۾  رهجي ويو آهي هواءِ تي ڪڏهن ڪڏهن لهرين جي پاڻ سان راند ڪرڻ جو آواز ٻيءَ طرح سناٽو آهي.

هي سڀ رات جي پهر ۾ هٽ جي مٿين گيلريءَ مان کليل آسمان هيٺان  ويهي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو منظر آهي  جيڪو سج لهڻ کان پوءِ رات جا ساڍا ٽي پهر هلڻو آهي. ايستائين، جيستائين اوڀر ڏانهن (جيڪو اسان جي پٺيري آهي) کان اڀرندڙ سورج ديوتا پنهنجي صبح جو نور ڪينجهر جي نيري  پاڻي تي اوتيندو آهي .

 

ائين هيءَ طلسماتي رات پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي ۽ اڄ به پڄاڻي تي پهتي. سج جي آمد جو اطلاع اسان کي صبح جو هي ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي پنهنجون مٺڙيون  ٻوليون ٻولي، پنهنجا ننڍا کڙا نيڻ کولي، پَرَ ڦرڪائي ڏيندا  ۽ اسان صبح جي روشن  سج جو درشن ڪري سگهندا آهيون، هن  سمي لاءِ ئي  شايد مها ڪوي

شيخ اياز لکيو هئو

 

نيري ڍنڊ اڇيرا پک

ڇَرتي ڇوهه ڇُمر جا پاڇا

گجري توتي گجُ ته آپر

جُهڙ ۾ جهڙا ڪارا ڪک

ڇَر تي ڇوهه ڇَمر جا پاڇا

 

هن نيري ڍند جي ڇَرَ تي صبح جو اڇن ڪڪرن جا پاڇا جن ڏٺا ۽ ڍنڊ ۾ تڙڳنڊڙ نوريون جن ڏٺيون، اُهي تماچي ٿي ويا. شام تائين ڪيئي نوريون ۽ تماچي پنهنجون راس ليلائون ڪينجهر ڪناري ڪري رهيا هئا، ڪينجهر جو آس پاس رنگين بڻيل هئو ۽ اسان ٻنهي کي هڪ ئي وقت اياز جون سٽون هئين تي هري آيون هيون،

ڪيئي ڪينجهر ڪنڌئين

نوريون نيل ڪنول

مون کان سنڌ نه وسري

هن لمحي ساڄي هٿ تي نوريءَ جي مزار آهي ۽ کاٻي هٿ تي مڪليءَ ۾ ڄام تماچيءَ جي مزار آهي، وچ ۾ آيل مفاصلي کان ڪيترائي ڀيرا ڊگها داستان آهن جيڪي شايد انسان جي يا سنڌين جي رهڻ تائين پيا ڳائبا ۽ پڙهبا وري وري رات جا شايد ٻه پهر گذري چڪا  آهن ڪنهن پکيءَ ڀڙڪو کاڌو آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ ۾ موٽي آيو آهيان. مون جيان ئي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺل ڪلثوم الائي ڪهڙي مَنڊ ۾ مُنڊ جي وئي آهي ۽ اسين  ماٺ جي سحر  انگيزيءَ مان ٻاهر نڪري آيا آهيون، گيلري مٿان وسندڙ هلڪي ٿڌ پنهنجي موجودگيءِ جو احساس ڏياريو آهي ۽ اسين اٿي ڪمري ۾ اچون ٿا، جنهن ۾ هلڪي روشني آهي جيڪا خاموشي جي رومانس ۾ ورتل آهي، اسان جا آخري لفظ آهن، اڄوڪي ڏهاڙيءَ جا، گڊ نائيٽ…!

الائي ڪيتري وقت کان ڪلثوم وڃي گيلري ۾ ويٺي آهي پڪ سان سجُ اُڀري آيو آهي، ڪينجهر نهار جي دائري ۾ بنهه خاموش سج جي ترون ۾چمڪي رهي آهي، پاڻيءَ  ڏانهن نهارڻ سان اکين اڳيان ترورا نچڻ لڳن ٿا ۽ نظر جهانوري محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، پلاسٽ آف پيرس جا الڳ الڳ رنگن وارا هوڙا ڪناري سان رسين سان ٻڌل آهن، ڇوليون اچي ساڻن ٽڪرائي عجيب وڻندڙ آواز ڪڍن ٿيون، سامهون ڪينجهر هندو وري وانگي جهولي رهي آهي، ماڻهن جي ڪابه چُهل پَهل نه آهي شايد انتظام سنڀاليندڙ ملازمن به اڃا نه پهتا آهن، صبح جي ناشتي جو آرڊر ڏيڻ لاءِ مونکي پاڻ ئي وڃڻو آهي. ڏئي وڃڻ يقينن ڪينٽين هلائيندڙ جو ڪم آهي، سو اهو پنهنجي حصي جو ڪم پاڻ ئي ڪري ٿو اچان يعنيٰ صبح جي ناشتي جو آرڊر ڏيڻ…!

۽ واپس اچڻ کان پوءِ ڏينهن گذارڻ لاءِ وقت جي تربيت ڏيڻ اسان کي ڪينجهر جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ  ڏسڻا آهن. هتي جي انتظام سنڀاليندڙ   عديل قريشي صاحب جو ڊرائيور منهنجي پڇڻ تياوڀر ڏان آڱر جو اشارو ڪري  ٻڌائي ٿو ته ”سا ئين! عزيز ڪينجهرائي صاحب پهرئين سامهون  واري ڳوٺ ۾ رهندو هئو ۽ هاڻ مڪليءَ تي رهندو آهي“ منجهند جو ڪينجهر جي سرڪاري دائري کان ٻاهر، بند جي ڪٺار سان اتر ڏانهن پند ڪندي پتو پوي ٿو. ته اوڀر ۾ ڪينجهر جي ڪک ۾ ئي عبد الله منڌرو نالي ڳوٺ آهي، اسان جو رُخ اتر طرف آهي، کاٻي هٿ ڏانهن ڪينجهر آهي جيڪا ڪيترائي فوٽ مٿي چڙهي آئي آهي، مختلف ماڻهن ڪاروبار طور بند کان اندر جيڪي ڪچا هٽ ۽ هوٽلون ٺهرايون آهن اهي سڀ پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويون آهن

سامهون هڪ ڳوٺاڻو اچي ٿو جيڪو ملاح آهي نالو وسري ويو اٿم ان ڪري سهولت لاءِ سندس نالو”ميم“ رکان ٿو. ٻڌائي ٿو ته ”هي هٽ ۽ هوٽلون هاڻ پاڻيءَ هيٺ آهن انهن جي ٻاهران ڄار ڏئي الڳ حصا ٺاهي انهن ۾ مڇي جو ٻج ڇڏيو  ويو آهي، فيبروي-مارچ ۾ جيسيتائين ڪينجهر جو پاڻي هيٺ لهندو  تيستائين مڇيءَ جو ٻج وڌي وڏو ٿي ٻن کان پنج ڪلو گرامن جو ڪرڙو/ ڏنڀرو ٿي ويندو، هن ٻج کي روز مهاڻا کاڌو ڏئي ويندا آهن جيڪي آس پاس جي ڳوٺن ۾ ئي رهندا آهن، سندن روزگار ئي مڇي پالڻ ۽ مارڻ ۽ وڪڻڻ تي آهي ۽ اهو ٻج بند جي مٽي کائي به سگهو ٿيندو آهي. ميم وٽ ٻڪرين جو ننڍڙو ڌڻ آهي، جيڪو ساڄي هٿ تي  بند جي اوڀر ۾   برساتن تي فٽي آيل گاهه چرڻ ۾ مگن آهي .ڪاموريون ٻڪريون ڊگهن ڪنن واريون ورهين کان پوءِ ڏسڻ لاءِ مليون آهن ڀرسان عبد الله گندرو ڳوٺ آهي، گهر لڳ ڀڳ سڀ پڪا عاليشان جڙيل  آهن، ڪلثوم جو اسرار آهي ته لهي هلون، مان ڪنهن نه ڪنهن گهر ۾ وڃي  ڳوٺاڻين کان حال حوال پڇي اچان، منهنجي لاءِ ڪا واقفيت نه آهي ان ڪري ٺيڪ نٿو لڳي.

“ميم“ ڪينجهر جي آس پاس جي ڳوٺن جا  چڱا احوال ٻڌائي ٿو. پريان بيٺل ٻه نوجوان اسان کي هڪ هنڌ ڏاڪڻ تي ويٺل ڏسي وڌي اچن ٿا، اسان ساڻن مڇيءِ جي الڳ الڳ نسلن بابت ڪچهري ڪريون ٿا. هيءُ ٻئي نوجوان ”ميم” جهڙا معصوم نه آهن. ڪنهن ٻاهرين ميڊ م کي ڏسي  ۽ ان سان ڳالهائي دل ۾ خوش ٿيندا هوندا، ڪلثوم ساڻن وڌيڪ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿي ۽ مان اٿي هلڻ شروع ٿو ڪريان شايد اها مجبوري کيس به اٿاري ٿي. پٿر سان جڙيل بند جي اولهه پاسي ڪينجهر ،جنهن جو هيءُ خوف ڏياريندڙ روپ  تيز ايندڙ ويندڙ ڇوليون ڊيڄاري رهيون آهن. ساڄي پاسي ڪيترائي  ننڍا ڳوٺ ،هلايا، گندرا. ملاح ، ماڇي ۽  ٻيا ڪيترائي، ساوڪ ئي ساوڪ جنهن جي حد کان ٻاهر  پٿرائين زمين ۽ اوڀر کان ننڍين ننڍين ٻهراڙين  ۽ پوٺن وچ مان ويندڙ رستو ڪوٽري ڏانهن، علي بابا ۽ موهن ڪلپنا جي ياد، اڻ مندائتي ، ذهن جي ڊوڙ کن پل ۾ ڪٿان جو ڪاٿي،

پويان ڪلثوم جو سڏُ هوءَ چڱو پنڌ پوئتي رهجي وئي آهي.  ڪنن ۾ ڪينجهر جي لهرن جو شور، ڇَرَ مٿان گذرندڙ هواءِ ۽ جا شوڪارا، ڪامورين ٻڪرين جي ڳچين ۾ ٻڌل ننڍڙين چڙين ٽالين جا مڌر آواز، شهر جي شور کان ڪوهين دور، آهسي آهسي هلندڙ زندگي، سج لهڻ جو احساس ڪينجهر جي مٿان واهيري ڏي ورندڙ پکين جا ولر اڏامندڙ  ۽ اسان جي موٽ، پنهنجي هٽ ڏانهن. هٽ جي پوئين پاسي ڏانهن نئين جڙيل پارڪ جو شاندار وِيُو چانهن جي گهرج جيڪا آرڊر ڏيڻ کان پوءِ به رات جي ماني تائين ملي نه سگهي ، شايد هوٽل هلائيندڙ کان وسري وئي.

رات جي ماني لاءِ هوٽل مالڪ جي صلاح ”سائين مڇي تازي آهي، ڪينجهر جي آهي، هن جي ٽيسٽ الڳ آهي، کائي ڏسو“ ۽ انسان سدائين نئين سواد جي تلاش ۾ڀٽڪندڙ ڪنهن به نئين آڇ تي موهجي ويندڙ، اسان  به موهجي وياسين ۽ تريل مڇيءِ جو آرڊر ڏنوسين، هوٽل  هلائيندڙ خوش ٿي ويو . اسان لاءِ خوش ٿيڻ جو سبب مانيءَ  کان وڌيڪ پر سُڪون ماحول ۾ ڪجهه گهڙيون گذارڻ هئو ۽ اهي لڳ ڀڳ ميسر هيون .پارڪ جو بي مقصد چڪر، ڳالهيون ٿورهيون، خاموشي گهڻي زندگيءَ ۾ هر گهڙيءَ جون پنهنجو گهُرجون ٿين ٿيون.ماڻهو سمجهي سگهي ئي نٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے