22 پیر , اکتوبر 2018

موبائل انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ پاڪستان ڀارت ۽ بنگلا ديش کي به پوئتي ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موبائل انٽرنيٽ جي رفتار جي لحاظ کان عالمي پيماني تي پاڪستان پوئٽي آهي پر ان جي باوجود به خطي ۾ ڀارت ۽ بنگلا ديش کان اڳي نڪري ويو آهي. هن ڳالهه جو انڪشاف عالمي طور تي موبائل انٽرنيٽ اسپيد جو جائزو وٺڻ واري هڪ ڪمپني اووڪلا ڪيو آهي .جنهن موجب نومبر ۾ پاڪستان موبائل انٽرنيٽ اسپيڊ جي شعبي ۾ 89 وين پوزيشن تي هئي جڏهن ته گذريل 3 مهينن جي درجي سان گڏ پاڪستان جو نمبر 86 هو.پاڪستان ۾ موبائل ڊوائون لوڊ جي شرح 13.08 ميگا بائٽس في سيڪنڊ آ(ايم بي پي ايس ) آهي جڏهن ته عالمي سطح تي پهريون نمبر ملڪ ناوري آهي جنهن ۾ موبائل فون جي رفتار 62.66 ايم بي پي ايس آهي. اوڪلا پوري دنيا ۾ هر مهيني انٽرنيٽ جو جائزو وٺندي آهي. جتي فڪسڊ يا لينڊ لائن انٽرنيٽ جو تعلق  هجي ته پاڪستان عالمي سطح تي 6.13 ايم بي پي ايس سان 126 نمبر تي آهي جڏهن ته پوري دنيا ۾ هي شرح 40 ايم بي وي ايس هي لڳ ڀڳ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

An easy way to verify data steal from Facebook account

فيسبڪ اڪائونٽ مان ڊيٽا چوري ٿيڻ جي تصديق جو آسان طريقو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڄ کان ٻه هفتا اڳ فيسبڪ باقاعدا اعتراف ڪيو هو ته سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے