17 بدھ , اکتوبر 2018

فيصلي جو مقصد جهانگير کي قربان ڪري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بچائڻ هو: دانيال عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته فيصلي تي جيڪڏهن مختصر ڳالهه ٻولهه ڪجي ته اها حڪمت عملي نظر ايندي ته جهانگير ترين کي قربان ڪري، انصاف جو ڏيکاءُ پيش ڪري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي بچائڻ مقصد هو، اهو اسڪرپٽ جي موجب آهي، ان جون شاهديون عمران خان جي بچاءَ ۾ يا دستاويزن ۾ ڳولهڻ جي ضرورت ناهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ خودمختيار ادارو آهي ان کي پنجن سالن تائين محدود ڪيو ويو، انهن پنجن سالن جي پڄاڻي ڪهڙي آهي؟ انهن کي ائين ڇو ڇڏيو ويو.سڀ چئي رهيا آهن ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ به اها ئي ڳالهه پئي ڪري. هن چيو ته برطانوي راڄ جا بچيل سمورا ادارا هن ملڪ جي ٻارن جي مستقبل کي روشن ڏسڻ پسند نٿا ڪن، اهي برطانوي راڄ جيان آئين کان مٿانهان ٿي اختيار برقرار رکڻ چاهن ٿا، اسان هن ملڪ ۾ جمهوريت کي ڏسڻ چاهيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے