18 جمعرات , اکتوبر 2018

حديبيه پيپر مل ڪيس جو فيصلو سچ جي فتح آهي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف حديبيه پيپر مل ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي سچائي ۽ انصاف جي فتح قرار ڏنو آهي. حديبيه پيپر مل ڪيس جي فيصلي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو جنهن تي الله جي حضور نوڙي سجدو ڪري شڪر ادا ڪيان ٿو. شهباز شريف چيو ته حديبيه ڪيس جو فيصلو اسان جي موقف تي مهر ثابت ٿيو. اڄ سمورن ڪوڙن الزامن کي سچ سان شڪست ملي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي سان اهو سچ سامهون آيو ته آخري فتح سچ جي ٿي. سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي ڪمروز ڪرڻ واري روايتي سياست ترڪ ڪن ۽ پنهنجي توانائي عوام جي حالت سڌارڻ ۾ لڳائن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے