18 جمعرات , اکتوبر 2018

اڄوڪي فيصلي مان ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته اقامو رڳو بهانو هو نواز شريف سڌو نشانو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد ٿيڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي مريم نواز جو چوڻ آهي ته اڄ جانبداراڻي احتساب ۽ احتساب جي نالي تي انتقام تان سمورا پردا کڄي ويا آهن ۽ ثابت ٿي ويو آهي اقامو رڳو بهانو هو نشانو نواز شريف هو.  هن چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ان تاثر جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته نواز شريف سان ناانصافي ٿي آهي ۽ هاڻ شڪ جي ڪا به گنجائش ناهي ڇو ته عوام جو اصل نمائندو نواز شريف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے