18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان 2030 تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي: وزير اعظم

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي جنهن سان پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي مظفر آباد ۾ پتريندر منصوبي جو افتتاح ڪيو ۽ ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ پاڪستان بجلي جي معاملي ۾ خودڪفيل ٿي چڪو آهي ۽ ن ليگ انهن منصوبن کي محنت سان مڪمل ڪيو جنهن کان پوءِ به وڌيڪ توانائي جا منصوبو ڪم هيٺ آهن. هن چيو ته پتريندر منصوبو پاڪستان ۽ ڪورتا جي دوستي جي واضع مثال آهي جنهن سان 147 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ آزاد ڪشمير جي بجلي جي ضرورت پوندي ٿيندي.  وزير اعظم چيو ته اسان جي حڪومت منصوبا شروع ڪري انهن کي مڪمل ڪندي آهي جنهن صوبي ۽ شهر ۾ وڃو، ن ليگ جو ڪم نظر ايندو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪي آهي.  اسان ڪي سياسي يتيم ناهيون ۽ حڪومت جي مدي تي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو پنهنجي سياست ڪن تنهن هوندي جولاءِ ۾ اليڪشن ٿيندي، ميدان ۾ مقابلو ڪجو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے