18 منگل , دسمبر 2018

جهانگير ترين ئي پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري آ، نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪنداسين: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته جهانگير ترين ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جو جنرل سيڪريٽري آهي ۽ سندس نااهلي واري فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو ته عمران خان کان سواءِ تحريڪ انصاف جو تصور به نٿو ڪري سگهجي ان کان سواءِ جهانگير ترين جو بي پناهه خدمتون آهن. اسد عمر چيو ته جهانگير ترين جو شمار پاڪستان جي بهترين واپاري شخصيتن ۾ ٿيندو آهي هن هارين کي به پيسا ڏنا. هن چيو ته عمران خان ۽ نواز شريف جي ڪيس ۾ ڪافي فرق آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن عدالتن تي مسلسل تنقيد ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ جو سربراهه طاهر بشير چيما به نيب جي نظر ۾

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ جو سربراهه طاهر بشير چيما قومي احتساب بيورو (نيب) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے