17 بدھ , اکتوبر 2018

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٽي ٽن ليگ جي ٽئين ميچ پنجابي ليجنڊ ۽ بنگالي ٽائيگرز وچ ۾ کيڏي وئي. پنجابي ليجنڊز جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پنجابي ليجنڊ عمر اڪمل جي 38 ۽ شعيب ملڪ جي 30 رنسن سان مڪل اوورن ۾ 99 رنسون ٺاهيون. ٻيو ڪوبه رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيو. بنگالي ٽائيگرز طرفان ڊي لينگ ۽ انور علي 2،2 وڪيٽون ۽ عامر يامين ۽ محمد نويز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. سرفراز احمد جي ٽيم ڏنل هدف 9.2 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. عامر يامين 5 بالن تي 18 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳڀرو رهيو. پنجابي ليجنڊز طرفان حسن علي 4 ۽ بريٿويٽ 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fakhar Zaman and Mir Hamza debut as Pakistan bat

ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجڻ اعزاز آهي: مير حمزا

ابوظهبي( اسپورٽس نيوز ) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ مير حمزا چيو آهي ته ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے