21 اتوار , اکتوبر 2018

اي پي ايس سانحي کانپوءِ ڪارروايون، 167 دهشتگرد مارجي ويا، 1584 گرفتار

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آرمي پبلڪ اسڪول کي ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن، قومي ايڪشن پلان تحت 1584 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 167 دهشتگرد مارجي ويا آهن. 16 ڊسمبر تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ قومي سياسي ۽ فوجي قيادت مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان تيار ڪيو. قومي ايڪشن پلان تحت هن وقت تائين 10 لک گهرن جي جهڙتي ورتي وئي جڏهن ته بنا دستاويزن جي ڀاڙي تي رهندڙ 36 هزار ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.  ساڍا 4 هزار  هوٽلز مالڪن خلاف بنا تصديق مهمان ترسائڻ تي به ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته 10 هزار کان وڌيڪ اسڪولز مالڪن خلاف به ڪارروايون ڪيون ويون. بس ٽرمينلز ۾ سڪيورٽي جا فول پروف انتظام نه ڪرڻ تي 914 ۽ سئنيما هالز خلاف 18 ڪيس داخل ڪيا ويا. عوامي هنڌن تي سڪيورٽي جا انتظام نه ڪرڻ تي 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ 35 هزار کان وڌيڪ افغانين کي گرفتار ڪري بي دخل ڪيو ويو، فرقيوار سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جي شڪ ۾ 5221 ماڻهن جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ڪي پي ۾ تقريبن 39 هزار سرچ آپريشن ڪيا ويا 6 لک کان وڌيڪ شڪي  ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …