19 بدھ , دسمبر 2018

عالمي بينڪ پنجاب ۾ زرعي سڌارن لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري ڇڏيا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پنجاب جي زرعي شعبي جي ترقي ۽ سڌارن لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري ڇڏيا. پنجاب جي زرعي شعبي جي سڌارن لاءِ شروع ڪيل ان پروگرام ” اسٽرينٿننگ مارڪيٽس فار ايگريڪلچر اينڊ رورل ٽرانسفورميشن“ يعنيٰ ” اسمارٽ“ جو مقصد پنجاب جي هارين جي اجرت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ گراهڪن کي گهٽ اگهه ۾ معياري شيون ڏيڻ آهي. عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو پروگرام هارين لاءِ روزگار جا موقعا ڏيندو جڏهن ته ان سان آب پاشي جو نظام به بهتر ٿيندو. پنجاب حڪومت زراعت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪوشان آهي، تازو ئي صوبي ۾ زراعت جي لاءِ ڊرون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ڏني وئي آهي جيڪا زرعي شعبي ۾ انقلاب جو سبب بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے