18 جمعرات , اکتوبر 2018

عدليه آزاد ناهي، لڳي ٿو ته نواز شريف کي گوجرانوالا کان مارچ ڪرڻو پوندو: طلال چوڌري

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي پارٽيءَ ۾ شموليت نه ڀرتي ٿي رهي آهي.فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عمران خان اهو گهوٽ آهي جنهن جي ڄڃ نه 2013ع ۾ وئي ۽ نه وري 2018ع ۾ ويندي. هن چيو ته خان صاحب جو ڪو به ڪاروبار ناهي، زڪوات مان يا واري جمائما کان پئسا وٺندو آهي. سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته نواز شريف کي گوجروانوالا کان لانگ مارچ شروع ڪرڻو پوندو. طلال چوڌري چيو ته نواز شريف جج آزاد ڪرايا پر سندس لانگ مارچ اڌورو آهي. هن چيو ته عدليه جو نظام آزاد هجي ها ته آئين ٽوڙڻ واري کي سزا ڏني وڃي ها. سندس چوڻ هو ته اسان ججن کي آزاد ڪرايو پر عدالتي نظام آزاد ناهي. طلال چوڌري چيو ته ڪالهه عمران خان جو کيسو ڪٽجي ويو آهي، سندس مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪنهن ڪرائي آهي. هن چيو ته عمران خان اشارن تي نچندڙ آهي، 2018ع جي اليڪشن روڪڻ پاڪستان کي روڪڻ هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته  نواز شريف جي پويان بيهڻ وقت جي ضرورت هوندو. طلال چوڌري چيو ته 2018ع جي اليڪشن وڙهنداسين ۽ نواز شريف سربراهي ڪندو، ڪيسن جي ماءُ حديبيا پيپرز ملز ڪيس ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته نواز شريف تي ٿيل ريفرنس جي ڪابه حيثيت نه آهي، عوامي نااهل کي جيترا به اهليت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن اهو نواز شريف جي مقابلي جي اهل ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سي پيڪ جو باني آهي، ساڻس وڙهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. طلال چوڌري چيو ته نواز شريف سان مقابلي لاءِ نااهل کي اهل بڻايو پيو وڃي، ڪير اهل آهي ڪير ناهي فيصلو عوام ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے