17 بدھ , اکتوبر 2018

سياستدانن کي گهرجي ته هو پنهنجن ادارن کي نشانو بڻائڻ بدران سياست ڪن: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي ئي هڪ نيازي هٿيار ڦٽا ڪري ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ۽ مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي ٻيو نيازي نه اچي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جا ٽڪرا ڪري. سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد جو چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستاني تاريخ جو ڪارو باب آهي جڏهن هڪ نيازي هٿيار ڦٽا ڪري ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو، مون کي ڊپ آهي ته الله ڪنهن ٻئي نيازي کي ايتري نه ڏئي ڇڏي جو هو ٻيهر ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، 47 سال اڳ ادارا ڪمزور ۽ سياستدان وچڙيل هئا ۽ اڄ به ملڪي ادارن ۾ جنگ ٿيندي نظر پئي اچي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ادارا پنهنجي دائري ۽ آئين جي حد ۾ فيصلو ڪن جڏهن ته سياستدانن کي به گهرجي ته هو پنهنجي ادارن کي نشانو بڻائڻ بدران پنهنجي سياست ڪن، ملڪ وڌيڪ بحران برداشت ڪرڻ واري حالت ۾ ناهي، هاڻ ته اهڙي سياست مان به ڊپ ٿو لڳي جنهن سان قومي سلامتي کي خطرو هجي. ملڪ کي ڌرڻن جي سياست جام ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڌرڻن ۾ اسلام جونالو به استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو نامناسب آهي. وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ احساس محرومي جو خاتمو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے