17 بدھ , اکتوبر 2018

دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جهلم ڀرسان آرمي مارڪس ۾ شپ فائرنگ رينج جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن مارڪس مين شپ جي شاندار معيار تي نشاني بازن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته نشاني بازي سپاهي هجڻ جي بنيادي مهارت مان هڪ آهي، ان مهارت فخر جوڳي ڪاميابي آهي. سندس چوڻ هو ته 16 ڊسمبر اهو ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، اسان جي دشمن ان ڏينهن اسان کي پشاور ۾ زخم پهچايو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان پنهنجي قومي عزم ۽ ايمان سان جيءَ جهوريندڙ واقعي مان ٻاهر آياسين، دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، سانحي جي شهيدن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي ۽ انهن جو قربانيون رائيگان نه ڏينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار نواز شريف کي هي ڏينهن ڏيکاريا، هاڻ اسد عمر عمران خان کي مارائيندو: نبيل گبول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت اڳ آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے