15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز| خانپورمهر ۾ پوليو جي آگاهي بابت ريلي ڪڍي ويئي

خانپورمهر ۾ پوليو جي آگاهي بابت ريلي ڪڍي ويئي ريلي جي اڳواڻي تعلقي خانڳڙھ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فياض راجپوت ڪئي ،ريلي سرڪاري اسپتال کان خانپور مهر جي پنج گلي چوڪ تائين پهتي. ريلي کي ڊاڪٽر فياض راجپوت ڳالهائيندي چيو ته ريلي جو مقصد ماڻهن کي پوليو مهم بابت آگاهي ڏيڻ آهي.  هن چيو ته،پوليو جون ٽيمون گهر گهر وڃي نئين ڄاول ٻار کان وٺي پنجن سالن تائين جي عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا آهن   ڊاڪٽر فياض چيو ته پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي سيڪيورٽي جي حوالي سان به انتظاميه جو مڪمل سهڪار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے