16 اتوار , دسمبر 2018

نااهلي سبب فوج مداخلت ڪندي آ، عبوري حڪومت اچي ۽ ملڪ سڌاري: پرويز مشرف

دبئي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته سندس دلي خواهش آهي ته موجوده حڪومت جلد کان جلد فارغ ٿئي ۽ عبوري حڪومت اچي جيڪا ملڪ کي ٻيهر پٽڙي تي چاڙهي سگهي، حڪومت جي ختم کان پوءِ ٽن يا ڇهن مهينن لاءِ عبوري حڪومت ايندي آهي جنهن ۾ ڪو به فائدو ناهي، هن وقت ملڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ضروري آهي، هن وقت آئين کان وڌيڪ ملڪ کي بچائڻ ۽ جمهوري ترميم جي ضرورت آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري ئي فوج مداخلت ڪندي آهي ۽ جڏهن توهان جو تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي ته توهان کي ڪير هلڻ ڏيندو، سپريم ڪورٽ سٺو ڪم ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن فوج جو به ان ۾ ڪردار آهي ته اها به سٺي ڳالهه آهي ته ڇو ته اڄ هر پاڪستاني پريشان آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به صادق ۽ امين ناهي رهيو، نواز شريف ۽ عمران خان جي ڪيسن جي ڀيٽ ڪرڻ ذيادتي آهي، عمران خان هڪ ديانتدار شخص آهي جنهن تي ڪير به شڪ نٿو ڪري سگهي، تنهن هوندي جيڪڏهن هر ننڍي ڳالهه کي ڏٺو وڃي ته پوءِ هر ماڻهو بي ايمان آهي،  جڏهن ته عمران خان ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو. هن چيو ته عدالت رياست جو اهم ٿنڀو آهي پر ڪنهن ٿنڀي جو ٻئي سان تڪرار نه هئڻ گهرجي ۽ هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ سمورن سياسي اڳواڻن کي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ واري صلاحيت رڳو عمران خان وٽ ئي آهي جيڪا اسان کي قبولڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ هوائي حملا، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي اروزگان ۾ افغان هوائي فوج جي بمباري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے