18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستان جي مهانگي تعليمي اداري ۾داخلا جو سستو ۽ سولو طريقو

دوست  حفيظ چنا

لاهور يونيورسٽي آف مينجمنٽ سائنسز (لمس) جي مختلف شعبن ۾ داخلا جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي، يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد تقريبن 28 کان 30 لکن ۾ ڊگري مڪمل ڪري ٿو، سنڌ جي هونهار شاگردن لاءِ اهڙي اعليٰ ۽ معياري تعليمي اداري ۾ داخلا وٺڻ جو بهترين موقعو آهي اهو به مفت، اهو ڪيئن ممڪن آهي اهو سمجهڻ لاءِ هن مضمون کي تفصيل سان پڙهي ۽ طريقيڪار تي عمل ڪرڻ جي گهرج آهي.

رينڪنگ جي حساب سان لاهور يونيورسٽي آف مينيجمنٽ سائنس (لمس) انٽرنيشنل ڪوالٽي اسٽينڊڙ مطابق ايشيا جي 161 هين ۽ پاڪستان جي ٻئي نمبر جي معياري يونيورسٽي قرار ڏني وئي آهي، (لمس) يونيورسٽي سائنس ۾ پروگرام پيش ڪري ٿي جن ۾ فنون، هيومينيٽيري، ڪاروبار ۽ انتظامي سائنس جهڙا پروگرام آهن. لاهور يونيورسٽي آف ميجمنٽ سائنس (لمس) برطانيه جي دولت مشترڪه يونيورسٽي جي ايسوسي ايشن جي هڪ رڪن آهي يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي جي 200 شاگردن واري فيڪلٽي دنيا جي ٽاپ فيڪلٽيز ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿي.

لاهور يونيورسٽي آف مينيجمنٽ سائنس (لمس) ۾ سنڌ جي شاگردن جو تعداد نه هجڻ برابر آهي، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪ اهم سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته معاشي طور ڪمزور هونهار شاگرد ان مهانگي اداري جي ڳري فيس ڀري نه سگهڻ به ٿي سگهي ٿو.

بظاهر لمس پاڪستان جو مهانگو ترين تعليمي ادارو آهي هڪ شاگرد تقريبن 28 کان 30 لکن ۾ ڊگري مڪمل ڪري ٿو. جنهن جي في سيمسٽر 350000 لک يعني تقريبن 7 لک سالياني فيس آهي. ان ڏس ۾ اسان سنڌ جي اهڙن قابل شاگردن جيڪي ايڏي ڳري فيس ڀري نٿا سگهن انهن لاءِ عوامي آواز جي پڙهندڙن لاءِ اهم معلومات گڏ ڪئي آهي ۽ لمس جهڙي اداري ۾ مفت ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ جي معلومات پيش ڪري رهيا آهيون. لمس جو ”اين او پي“   (NOP) ڊپارٽمنٽ اسڪالر شپ جو طريقي ڪار وضا ڪيو آهي. ”اين او پي“   (NOP)نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام 2001 ۾ قائم ڪيو ويو جنهن جو مقصد يونيورسٽي ۾ اهڙن شاگرد کي کڻي اچڻ آهي جيڪي قابل هجڻ باوجود ذريعي معاش جي گهٽتائي سبب يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نٿا سگهن، ”اين او پي“  (NOP) سينٽر پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ سرندي وارن کان فنڊ گڏ ڪري اهڙن شاگردن جي نه فقط سئوسيڪڙو مفت تعليم جو بندو بست ڪري ٿو بلڪه انهن جي هاسٽل، کاڌي پيتي کان علاوه ماهوار اسٽائپنڊ جي ڏس ۾ ڏھ هزار روپيا روڪ ڏئي ٿو.

اين او پي وسيلي داخلا جو طريقيڪار :

اهي شاگرد يا شاگردياڻيون جنهن جو تعليمي معيار گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هجي. اهي پهرين ڏاڪي ۾ هن اسڪالرشپ ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. انهي معيار تي لهڻ کان پوءِ سموري ملڪ مان لمس ”اين او پي“ جي ويب سائيٽ تي رکيل لنڪ فارم کي ڀري موڪلين جنهن کان پوءِ انهن مان معيار تي لهندڙ چونڊ شاگردن کي گرمين جي موڪلن ۾ ٻن يا ٽن هفتن جي ٽريننگ لاءِ يونيورسٽي (لمس) پاڻ وٽ گهرائي ٿي. هن ٽريننگ سيشن ۾ لمس انهن ٻارن کي ايس اي ٽي ٽيسٽ جي تياري ڪرائي ٿي پر ايس اي ٽي ٽيسٽ جي فيس ادارو يعني ”اين او پي“  پاڻ ادا ڪري ٿو. جيڪا ويھ هزار روپين کان مٿي آهي ان کان علاوه لمس يونيورسٽي انهن ٻارن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽڪيٽن جو پڻ بندوبست ڪري ٿي ان لاءِ صرف ٻه شيون گهربل هونديون آهن، هڪ ته اپلاءِ ڪندڙ ٻارن جون مارڪون 70 سيڪڙو کان مٿي هجن ۽ ٻيو ته والدين جي آمدني جي بئنڪ اسٽيٽمنٽ گهربل هوندي آهي جيڪڏهن اها به نه هجي ته صرف شاگردن طرفان اهو ڄاڻايو وڃي ته اسان جي والدين وٽ بئنڪ اڪاونٽ به نه آهي اهو بيان شاگردن پاران لکت ۾ ڏنو ويندو، شاگردن کي ٻڌايو ويندو آهي ته لمس ۾ داخلا لاءِ ڪهڙي پائپ لائن مان گذرڻو پوندو آهي.

ڇا شاگردن کي سئو سيڪڙو اسڪالرشپ ملي ٿي ؟

لمس وٽ اسڪالرشپ جا ٻه طريقا آهن نه فقط ”اين او پي“  (NOP)  پر سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جي آمدني جي چڱيءَ ريت جانچ پڙتال بعد جن ٻارن جا والدين 100 سيڪڙو فيس ادا نٿا ڪري سگهن انهن کي 20 کان 80 سيڪڙو تائين به اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي اهو فيصلو لمس ”اين او پي“ سينٽر جي جيوري ڪندي آهي ته ڪنهن کي ڪيتري اسڪالرشپ ڏجي. اهي شاگرد اين او پي   (NOP)   جي دائري ۾ نه هوندا آهن. ٻيو طريقو جيڪي شاگرد 20 سيڪڙو به فيس ادا نٿا ڪري سگهن انهن شاگردن جي جاچ پڙتال بعد مڪمل فيس معاف ڪري سئو سيڪڙو اسڪالرشپ ڏئي ”اين او پي“   (NOP)  جي دائري ۾ آندو وڃي ٿو.

ان لاءِ ڪو به ڪوٽا سسٽم نه آهي ڪنهن به صوبي يا علائقي مان ميرٽ جي بنياد تي جيترا شاگرد اپلاءِ ڪن. بلڪه يونيورسٽي جي خواهش هوندي آهي ته مختلف علائقن ۽ مختلف ڪلچر جا ٻار اچن. يونيورسٽي جو مقصد سٺن شاگردن کي تلاش ڪري يونيورسٽيءَ جو نالو ڏيڻ آهي جيڪو انهن شاگردن تي احسان نه آهي اهو انهن جو حق آهي.

”اين او پي“(NOP)    وقت به وقت انهن شاگردن جي ڪائونسلنگ به ڪري ٿي ته جيئن شاگرد اعليٰ معيار جي تعليمي اداري ۾ امير والدين جي ٻارن جي وچ ۾ ڪنهن احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿين.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے