18 منگل , دسمبر 2018

نيوز| ميرپورخاص: ڳوٺ ڪاٺڙي ۾ ڇتي ڪتن جو نينگر تي حملو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ميرپور خاص جي ڳوٺ ڪاٺڙي ۾ ڇتي ڪتن نينگر تي حملو ڪري ڏاڙهي وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ڪاٺڙي ۾ گهرن ڀرسان ڇتي ڪتن 8 ورهين جي نينگر مڪيش ڪمار ولد ڏيچند ميگهواڙ تي حملو ڪري ڏاڙهي وڌو. گهر ڀاتين نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال داخل ڪرايو آهي. سول اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته ڪتن نينگر تي حملو ڪري منهن جو گوشت پٽي ڇڏيو آهي، جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران فهميدا رياض جي ياد تقريب ڪوٺائي وئي

ناليواري شاعره ۽ ليکڪا فهميدا رياض جي ياد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تقريب ڪوٺائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے