12 بدھ , دسمبر 2018

معصوم مُسڪان  ناريجو سان انصاف ڪير ڪندو..؟ 

عزيز الله ناريجو

اسان جا نيڻ به وڏا اڀاڳا آهن جن کي سواءِ لڙڪن  جي ٻيو ڪجهه مليو ئي ناهي.! ننڊ جنهن شِيءُ جو نالو آهي اها کين نصيب ئي ناهي.! اسان جا نيڻ به ڪنهن يتيم ٻار جيان معصوم ته گهڻئي آهن پر سندن سنگت سورن سان آهي سندس ساٿي لڙڪ ئي لڙڪ آهن. سندس گيت،غزل،نغما نوحن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن کين اڀاڳي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي.!!! سندس منزلون ٻين ماڻي ورتيون آهن.. اسان جا نيڻ صحرائن جي سفر تي نڪتل آهن… صحرا به اهي صحرا جن تي اڃان ڪوبه بادل ناهي برسيو… ان صحرائن جي تتل واري تيز تلوار جيان اسان جي پيرن جي کي زخمي ڪري اسان جي نيڻين جي اڳتي وڌڻ کان جهلي ڇڏيو آهي.۽ چيو آهي ته  اوهان کي صحرا جي سفر ۾ به منزل نصيب نه ٿيندي.. اوهان جون راتيون اوهان جي ڏينهن انهن هي صحرائن ۾ گذرندا.. جن ته بادل ناهن برسيا جيڪي صحرا سفر جي لائقَ ئي ناهن… اوهان صحرائن جا ساٿي آهيو. جڏهن دردن  جا نوحا ڳايون ته صحرا.ئن ۾ محفل مچائجو جئين اهي نوحا ڪير ٻڌي نه وٺي… ۽ سندس دل ۾ اوهان لاءِ رحم جي زنجير جڙي نه پوي،،، اوهان جا گيت، غزل، وايون، نظم، سڀ صحرائن کي سڻائڻ جهڙا آهن  جن ۾ ڀلي ڌرتي جو درد، ڳڀي لاءِ تڙپيندڙ يتيم جنهن معصوم جو رڙ  جيڪا هن اڌ رات اٿي بک وچان ڪئي هجي،ان ڀيڻ جو ڇو نه سڏڪو هجي، جنهن جو ڪونڌر ڪالهه ڪسجي ويو جن جي هٿن تي لال مهندي به نه لاٿي  هئي جنهن لاءِ ونواهه ۾ ڪنوار به نه سجائي وئي هئي .جنهن جا موڙ ٻڌڻ کان اڳ مرجهائيي ويا.. جن لاءِ نه دهل وڳا نه ئي ڪي شرنايون نه ئي ڪا سيج سجائي وئي،

چاهي اهو درد انهي وني جو ڇو نه هجي جنهن جو ور شام مهل چئي ويو ته مون لاءِ ماني پچائي رکجان مان اجهو موٽيس پر وني جي مٿان سفيد چني اوڍجي وئي سندس چوڙيون چڪنا چور ڪيون ويون.. سندس سنيڌ مان سندور کي مٽايو ويو سندس چپن جي سرخي مٿي جي بنديا نڪ جي ڦلي کي لاٿو.ويو..ڇو.ته سندس ور نه موٽيو پر سندس مڙهه ضرور اڱڻ تي ايمبولنس مان لاٿو پئي ويو،،، يا انهن امڙ جي هنجهه جا نوحا ڇو نه هجن جنهن جو جاني جوان پٽ مارجي ويو هجي. جنهن لاءِ هن سپنا ڏٺا هئا جنهن جا خواب اوڌرا رهجي ويا. انهي ماءُ جي جهولي خالي ٿي وئي جنهن جو جوان جواني ۾ ڪنهن قاتل جي هٿان قتل تي ويو.. جنهن کيِ ماءُ وڏا جهول ڀري رب کان انهي جاني پٽ کي گهريُو هُو، ۽ اها جيجل ماءُ جڏهن رات جنهن پل سڀ لوڪ ستل هوندو هو، پٽ پاسو ورائيندو هو ته ماءُ جي دل ۾ هزارين وهم وسوسا پيدا ٿيندا هئا ۽ هوُ  بار بار پڇندي هئي ته پٽ ٺيڪ ته آهين..  پر اڄ اها کٽ به خالي آهي جنهن تي هو ستل هوندو هُو اڄ ماءُ جي جهولي به خالي ٿي چڪي آهي جيڪا جهولي هن جهلي ان ڪونڌر کي گهريو هو …حقيقتون ته الائي ڪيتريون سامهون آهن پر اسان وٽ هاڻ سهپ کي سگهه ناهي اسان جو هانءُ درد ڀوڳي ڀوڳي بيزار ٿي پيو آهي.. هاڻ اسان جي اندر جو انسان روئڻ لڳو آهي، اسان راتين جا راهي ته اڳ ئي هئاسين  پر هاڻ صحرائن جي سفر جيتري سگهه اسان ۾ ناهي.. هاڻ، اسان جون  اکيون ڪونڌر ڪسجندي نه نه ٿيون ڏسي سگهن..ڪيتري عرضي کان وٺي اخبارن جي پرنٽ جي اها خبر هئي ته هڪ ميهنو پهرين نئين ديري جي مسڪان ناريجو جيڪا معصوم نينگر اڃان ڇهه  ورهين  گلن جهڙي ننڍڙي ٻاڙي هئي جنهن کي  ظالمن حوس جو نشانو بڻائي ڪري کيس ڳٽا ڏئي ماري ڇڏيو ۽ سندس ڳاٽو ڀڳل لاش وارثن کي  مليو اسين ڪيڏو نه مايوس ۽ بي وس آهيون اسين جيڪي صرف ۽ صرف خبرون پڙهون ٿا ۽ تبصرا ڪيو ٿا،،جنهن مان اهو صاف ٿو لڳي ته هتي تبصري ڪرڻ وارا تمام گهڻا آهن روئڻ وارو ڪوئي ڪونهي.مان پڇان ٿو ته آخر انهي معصوم مسڪان ناريجو  ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوندو جو انهن کي ايڏي بي دردي سان قتل ڪيو ويو  ڪهڙو ڏوهه آهي انهي ڇهه  سالن جي معصوم گلن جهڙي مسڪان ناريجو  جو جنهن اڃان هن دنيا ۾ اکيون ئي مس کوليون هنيون جنهن جي ماءٌ جيجل جو چهڙو به ڌنڌلو ڏسڻ ۾ پيو ايندو هوندو انهي معصوم کي مارڻ ۾ انهي ظالم انسان کي ٿورو به رحم ڪو نه آيو، ڪيڏو نه بي رحم هو اهو انسان جنهن تي ظلمن جا جبل ڪيرايا. اتي اهو سوال به آهي ته ڪير آهي جيڪو انصاف ڪندو ۽ ڪير آهي جيڪو انصاف ڏياريندو.ڇو آخر ڇو انصاف نه پيو ملي. منهجي ڇو….؟ نئين ديري جي معصوم مسڪان ناريجو جا وارث سراسر احتجاج ڪري رهيا آهن ته سندس معصوم ڌي جو خون لوڙهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ٿي رهيو آهن،جڏهن ته مسڪان ناريجو کي قتل ڪندڙ جوابدار جو اڃا تائين حتمي چالان به پيش نه ٿي سگهيو آهي،معصوم نيگري جي پيُ امير علي ناريجو ماءُ زيب النساءُ ناريجو نامي عظميان ناريجو، ڪيترين ئي ڏينهن کان وٺي پاڪ ڪتاب کڻي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پرانصاف سندس پلئه نه پيو پوي، ويتر کين هيسايو پيو وڃِي ته اوهان ڪيس تان هٿ کڻو.جڏهن ته ڳالهه معصوم ننيگري جي قتل جي ڪجي ته انهي جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ به اچي چڪي آهي جنهن اندر اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته مسڪان ناريجو کي جنسي هوس جو نشانو بڻائي ڪري کيس قتل ڪيو ويو آهي ،ان جي به باوجود به وارثن کي انصاف نه ملي رهيو آهي مان سمجهان ٿو ته شايد انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راجا وارو دور هلي رهيو آهي،

انڪري مان اهو ئي چوندس ته آخر انصاف ڇو ڪون پيو ملي آخر ڇو انهي ڇو جو جواب ملي يا نه ملي من انهن جي اندر جو انسان نڀاڳي ننڊ مان سجاڳ ٿئي.جيئن سنڌ جي صحرا ساوا ٿي پون ۽ اسان جهڙا مسافر جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهي صحرا جي سفر ۾ منزل جي تلاش ۾ نڪتل آهن سي  ٿڪ ڀڃن.. پر ها محبتن جا شايد وعده وفا ٿين ها ته مجنون صدين جا سفر نه ڪري ها…مومل اهين نڌنڪي ٿي نه مري ها.سئسي صحرا ۾ قافلا وٺي نه نڪري ها.سهڻي دريا جي ويرن جي وڙ نه چڙهي ها پر  شايد اڄ جا وعدا به ان سهڻي جي ڪچي دلي جهڙا آهن جيڪي وفا ٿيڻ کان پهرين ڳري ويا جن جي وٽ وجود ته آهي پر کوکلي بدن کان سواءِ کين ڪجهه به ناهي نه اسان جا سفر کٽندا نه ساهه کي سک نصيب ٿيندو، نه نيڻ لڙڪن کان آجا ٿيندا… پر اسان ڀلي دنيا وارن مان اميدون لاهي ڇڏيون،  هجن پر الله ۾ آسرو ايڏو آهي جيڏو  پاڻ.الله آهي. اسان ۽ اسان جي اکين کي آس آهي ته سنڌ ضرور پنهجون منزلون ماڻيندي پوءِ پيار امن محبت جي اڌار وٺڻي نه پوندي پيار جا ڀاڪر اسان کي نصيب ٿيندا اسان جا صحرائن  جا سفر ضرور ختم ٿيندا اسان جا لڙڪن ڀنل نيڻن جي جولهي ۾ لولي سان ضرور سمهندا پر اهو وقت پري ناهي بس اسان هڪ ٻئي کان ڀلي  رٺل ڇو نه هجون پر پريت کي جوڙي رکون انهي جو پلاند اسان کان ڇڏائي نه وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے