10 پیر , دسمبر 2018

هاڻي جمهوريت ڊي ريل نه ٿيندي!!!

بادل ملاح

ملڪ جي بري فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مان جمهوريت پسند آهيان، جمهوري قدرن کي پسند ڪريان ٿو، فوج جو ڪم حڪومت ڪرڻ ناهي، هر اداري کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گھرجن. ڪي ماڻهو اهو سوال به اٿاري رهيا آهن ته آرمي چيف کي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي، ڇا ڪٿي ڪنهن هنڌ اهو تاثر ڏيئي، گمراه ته نه ڪيو وڃي پيو، ته جمهوريت کي ڊي ريل ڪري سگھجي ٿو؛ هن صورتحال واضح ڪري ڇڏي ته ماضي ۾ اسان جون مشرقي ۽ مغربي سرحد ٻئي محفوظ هيون، مشرقي سرحدن تي پاڪ فوج ۽ ٻيون فوجون موجود هيون، جڏهن ته مغربي سرحدن تي فوج نه هئڻ سبب به اها محفوظ هئي. افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ايڏا ته دوستاڻا ۽ خوشگوار هئا، جو ان کي دشمن سرحد سمجھيو ويو نه ئي وري غير معمولي قدم کنيا ويا؛ هاڻي اسان کي مغربي سرحد تي ٻه لک جي لڳ ڀڳ فوج مقرر ڪرڻي پئجي وئي آهي، جڏهن ته مشرقي سرحد تي به ججھي تعداد ۾ فوج وطن جي دفاع جو فرض سرانجام ڏيئي رهي آهي، اهڙي منظر نامي ۾ ڪو جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ بابت تصور به نه ٿو ڪري سگھي.

حقيقت اها آهي ته فوج ۾ اهو احساس پڪو پختو ٿي چڪو آهي ته جمهوريت ملڪ ۾ استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، جمهوريت جي ڊي ريل هئڻ سان جتي قومي مفاد ۽ ترقي متاثر ٿيندي آهي؛ اتي عالمي سطح تي ملڪ جي وقار کي به نقصان پهچندو آهي. عالمي سطح تي به هاڻي جمهوريت جي فراواني آهي، آمرن جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن. سوشلزم ۽ ڪميونزم پنهنجي سر پاڻ مري چڪا آهن. انهن جي مقابلي ۾ جمهوري نظام کي ئي بهترين نظام قرار ڏنو ويو آهي، مغربي دنيا ، اسلامي انقلاب يا سوشلزم جي انقلاب کان خوفزده آهي، جمهوريت جي ذريعي انهن کي ڪي قدر اطمينان ٿئي ٿو. انقلاب ڀلي ڪهڙي به قسم جو ڇو نه هجي، ان ۾ تنقيد يا خيال جي اظهار جي آزادي نه هوندي آهي، جڏهن ته جمهوريت ۾ سموريون آزاديون موجود هونديون آهن، انسان تقرير ڪري ٿو تنقيد ڪري ٿو، احتجاج ڪري ٿو، ان جي اندر جي ٻوسٽ ۽ نفرت ٻاهر نڪري ٿي ۽ هو نارم ٿي وڃي ٿو.

دراصل نفرت ۽ ٻوسٽ انقلاب جي روپ ۾ اڀري ٿي ته اها جمهوري نظام ۾ ٻاهر اچي ٿي ۽ انقلاب جي منزل دور ٿي وڃي ٿي، پاڪستان جو  تسلسل ڏسنداسين ته اسان جو فلمن جو ولين جاگيردار آهي ۽ اسان جو هيرو هڪ عام ماڻهو ۽ پورهيت آهي، اسان جي افسانن ۽ ناولن ۾ به وطن جو سرمائيدار ۽ جاگيردار ئي ولن هوندو آهي. فلم ۾ جڏهن ولن کي هيرو ماريندو آهي ته ان جي هڪ هڪ مڪي تي سڄي هال ۾ سيٽيون وڄي وينديون آهن، ماڻهو نعرا هڻندا آهن، انهيءَ جوش ۽ خروش جو مفهوم اهو آهي ته وطن فقط هيرو جي نفرت جو مرڪز ناهي، پر عوام به انهن کان نفرت ڪري ٿو، انهن جي نفرت جاگيردار کان هوندي آهي، جاگيرداراڻي نظام سان هوندي آهي، فرسوده نظام کان، جنهن نفرت کي انقلاب بڻڻو آهي، اها تحرير ۽ تقرير ۽ تنقيد جي ذريعي ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ انسان نارمل ٿي وڃي ٿو.

انسان فطري طور تي هر قسم جي پابندين کان آزاد آهي، ڇو ته فطرت انهن کي جيڪا آزادي ڏني آهي، ان کي ڇني نه ٿو سگھجي. انهيءَ اعتبار سان چئي سگھجي ٿو ته جمهوريت هڪ فطري نظام آهي، فطري آزادي کان سواءِ انسان جو ووٽ به فطرت جي مزاج جي مطابق آهي، صديون اول بعيت جو نظام هو، بادشاهه هجي يا سردار  ماڻهو انهيءَ جي بعيت ڪندا هئا، ۽ اهي انهن جي جھيڙن جھڳڙن ۾ فيصلا ڏيندو هو. هاڻي هن جديد دور ۾ بعيت ووٽ جي پرچي جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، ووٽ ڏيئي ڄڻڪ اسان بعيت ڪري ڇڏي. ان کي اسان پنهنجو قائد ۽ اڳواڻ تسليم ڪري ورتو. اهڙي ريت جمهوريت اسلام سان تمام گھڻي ويجھو محسوس ٿئي ٿي، اسلامي شوري جي جاءِ تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ورتي آهي. جمهوريت ۾ احتساب جو نظام به موجود آهي، جڏهن ته انهيءَ نظام کي اسلام ۾ غير معمولي اهميت حاصل آهي، ڄڻڪ جمهوريت اسلام ۽ انسان جي فطرت جي تمام گھڻو ويجھو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے