15 ہفتہ , دسمبر 2018

اسپيڪر اياز صادق کي نظر ايندڙ گريٽر پلان

علي ٿهيم

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي لڳي پيو ته هي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو نه ڪندي آئون گريٽر پلان ٺهندي ڏسان پيو ان گريٽر پلان تحت اسيمبلي ميمبرن جون استعفائون اچي سگهن ٿيون هن اهو به چيو ته آئون پهريون ڀيرو سياست مان مايوس ٿيو آهيان هن مارشل لا واري خطري کي رد ڪيو آهي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته گذريل ٽن مهينن کان جيڪو ڪجهھ ٿي رهيو آهي ان تي تمام گهڻو ڏک آهي هن امڪاني گريٽر پلان جي باري ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ، ۽ پي ايس پي وارو مامرو ان کان پوءِ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڌرڻا اجي شيون نارمل نه آهن غير فطري آهن هن جو چوڻ هو ته اهڙي صورتحال 2000ع ۽ 2008ع  ۾ نه هئي هن ٻاهرين قوتن جو به ذڪر ڪيو ته اهي به سازشن ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿيون هن ماڊل ٽائون واري مسئلي تي  حڪومتي بيوسي جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت ڊنل آهي ته ڪٿي ٻيو سانحو نه ٿي وڃي اهي هئا قومي اسيمبلي جي اسپيڪٽر اياز صادق جا خيال يا خدشا ڪجھ خدشن جو اظهار پ پ پ جي سينيٽر فرحت الله بابر به ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته آئون پارليامنٽ کي خبردار ٿو ڪريان ته پارليامنٽ جاڳندي رهي هن چيو ته فاٽا ريفامز بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو پر اوچتو اهو بل ايجنڊا مان غائب ٿي و يو آئيني ترميمن جا بل اسيمبلي ۾ اچن ٿا ته ميمبر غائب ٿيو وڃن سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي خط لکي چيو ويو ته ته احتساب بابت هڪ ڪميٽي ڪم ڪري رهي هئي پر پردي پٺيان ڪجهھ اهڙو گم ٿيو جو منهنجي پارٽي سميت تمام ميمبر غائب ٿي  ويا فرحت الله بابر به ڳالهھ اهائي ڪئي آهي جيڪا اسپيڪر اياز صادق پيو ڪري پر ٻنهي جي ڳالھه ٻڌائڻ واري انداز ۾ فرق آهي اسپيڪر اياز صادق يا فرحت الله بابر پاران جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ان ۾ سياستدانن جون پنهنجيون به ڪجهھ ڪوتاهيون آهن سياستدان جڏهن اقتدار ۾ ايندا آهن ته هو پاڻ کي هر ماڻهو ۽ قانون کان اتم سمجهندا آهن ۽ هو اهڙو رستو اختيار ڪندا آهن جنهن جو نه ڪو سر نه پير انهن کي هوش تڏهن ايندو آهي جڏهن چئني پاسن کان انهن کي خطرا اچي گهيريندا آهن مسلم ليگ ن جي حڪومت جي ساڍن چئن سالن جو جائزو وٺون ته خبر پوندي ته مسلم ليگ ن ملڪ کي مڪمل طور بادشاهي طرز تي هلايو آهي ميان نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ شاهي تخت تي ويٺو ته هن اسيمبلين ۽ ڪابينا مان ڪنهن کي به اهميت نه ڏني حڪومت کان مخالف ڌر جي پارٽين پاران جيڪڏهن ڪو مطالبو ٿي ڪيو ويو ته حڪومت پاران ان مطالبي کي مادي ڪڪڙ واري ٻانگ جيتري به اهميت نه پئي ڏني ويئي جڏهن ڪنهن سياسي ڌر کي حڪمران اهميت نه ڏيندا ته هو رستن تي ايندو عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري وارن اسلام آباد جي ڌرڻن کي حڪومت غير ملڪي سازش ٿي چوي انهن ٻنهي ڌرين جيڪي حڪومت کان مطالبا ڪيا هئا حڪومت انهن جا مطالبا مڃي ها ته يقينن انهن وٽ اسلام آباد ۾ ڌرڻا هڻڻ جو ڪوبه جواز نه رهي ها انهن کي حڪومت پاڻ ڌرڻا هڻڻ لاءِ مجبور ڪيو انهن ڌرڻن کان پوءِ پاناما پيپر سامهون آيا انهن تي پي ٽي آءِ ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو پر پ پ پ پاران حڪومت کي چيو ويو ته ان مسئلي تي پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي حڪومت پ پ پ پاران پيش ڪيل تجويز جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويو اهو صرف ان ڪري جو شريف فيملي ۽ ان جي حوارين جا خيال بادشاهي هئا اقتدار جي نشي ۾ چور انهن حڪمرانن سوچيو به نه هو ته اسان جي ڪنڌ ۾ ايڏيون وڏيون فلمون پونديون جو اسان جا پنهنجا به ساٿ ڇڏي ويندا اسپيڪر اياز صادق اڄ پنهنجن خدشن جو اظهار ته ڪري پيو پر هو پاڻ دل تي هٿ رکي ٻڌائي ته هن پارليامان کي اڻ ڌريو ٿي هلايو ؟

هرگز نه اسپيڪر اياز صادق وٽ عمران خان ۽ نواز شريف پاران هڪ ٻئي خلاف هڪ جهڙيون درخواستون ڏنيون اسپيڪر عمران خان جي درخواست رد ڪري عمران خان خلاف مليل نواز شريف جي درخواست اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ به سندس پاران ڌر هئڻ جا تاثر ملندا رهيا اڄ اهو شخص ميارون پيو ڏي ته ڪجھه نه ڪجهھ ٿي رهيو آهي اسپيڪر صاحب ۽ سندس پارٽي جي حڪومت مخالف ڌر جو مان رکي ها ته اڄ مخالف ڌر انهن سان گڏ بيٺل هجي ها سندن روئي کان پوءِ اڄ هو مشڪل ۾ آهن ته مخالف ڌر به نعرو هنيو آهي ته  گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو .

مسلم ليگ ن جي ساڍن چئن سالن ۾ ملڪ جي معاشي حالت خراب رهي قرضن جو نه کٽندڙ بار قوم مٿان وڌو ويو اڄ حالت اها آهي جو ڊالر هڪدم 111 رپين تي وڃي پهتو آهي هن حڪومت پاران ختم نبوت قانون کي ختم ڪرڻ ماڊل ٽائون سانحي تي هٺ ڌرمي ڏيکارڻ کان ويندي پنهنجن اسيمبلي ميمبرن کي اهميت نه ڏيڻ تائين ٻيا به کوڙ مامرا آهن جن تي نه صرف مخالف ڌر پر سندس ميمبرن کي به تحفظات هئا اڄ ڀرجي ڀرجي هارجي رهي آهي ته ان ئي حڪومت کي خطري جي بوء اچڻ شروع  ٿي ويئي آهي اهائي مسلم ليگ ن آهي پ پ پ جي گذريل حڪومت دوران سندن سمورو وقت حڪومت خلاف سازشن ۾ گذرندو هو شهباز شريف پاران پنهنجي ڪيمپ آفيس مينار پاڪستان تي آڻڻ بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ کان ويندي شهباز شريف پاران رات جي تاريڪي ۾ طاقتور ڌرين سان ملڻ يوسف رضا گيلاني خلاف سازشون ڪرڻ ميمو گيٽ واري مسئلي تي نواز شريف پاران ڪارو ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ وڃڻ تائين انهن ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ نٿي چاهيو اڄ قدرت جي بي آواز لٺ کين لڳي آهي ته همراهن کي پردي پٺيان سازشون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن جڏهن ته سياسي تجزيي نگار اهو پيا چون ته خود حڪمران اهڙيون حرڪتون پيا ڪن ته جيئن ملڪ جون حالتون خراب ٿين ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي يا مارشل لا لڳي ۽ اسان دنيا آڏو مظلوميت ظاهر ڪندي چئي سگهون ته ڏسو مارشل لا ۾ اسان سان ڪيڏا ظلم پيا ٿين اسپيڪر صاحب جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي پر سندس ڳالهھ ٻڌائڻ جي انداز ۾ فرق آهي ملڪ ۾ هن وقت حڪومت جي پنهنجين غلطين سبب ڌرڻا احتجاج استعفائون اچي رهيون آهن ۽ اهي استعفائون مضبوط دليلن تحت ڏنيون پيون وڃن ختم نبوت واري مسئلي تي اڃا ڌرڻا ۽ استعفائون اچڻ جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ان حساس مسئلي تي جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر استعفائون ڏين پيا ته توهان ان کي ڳجهي سازش قرار پيا ڏيو ماڊل ٽائون لاهور ۾ انسانيت جو قتل عام ڪيو ويو ان سانحي ۾ پوليس ماڻهن تي ائين گوليون وسايون جيئن ڪنهن غير ملڪي فوج شهر کي فتح ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو هجي .جيڪڏهن حڪومت جي ڏاڍائين عوام دشمن پاليسين قتل عام خلاف ڪو احتجاج ٿو ڪري ڌرڻو ٿو هڻي ته حڪمرانن کي اها سازش ٿي نظر اچي اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق کي گهرجي ته هو پنهنجي قائد ۽ حڪومت جي ساڍن چئن سالن واري عرصي دوران پيش آيل واقعن ملڪي حالتن کي ياد ڪري ملڪي ادارن خلاف الزام تراشيون توڙي سياسي مخالفن سان سندن روين کي به ياد ڪري ۽ هو سچي دل سان ٻڌائي ته سازشون ان وقت ٿي رهيون هيون يا هن وقت ٿي رهيون آهن ۔۔۔۔ ؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے