11 منگل , دسمبر 2018

ڍاڪا سانحو: خوني ڪهاڻي

امتياز عالم

سورهين ڊسمبر جي حوالي سان جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان ته دل ڍاڪا جي خوني ڪهاڻيءَ تي اڄ به ائين ئي غمگين آهي، جيئن 36 سال اڳ هئي، رت جي جيڪا راند کيڏي وئي، تنهن جو انجام ميدان ۾ ٿي چڪو هو پر اڳئين ڏينهن ئي اولهه پاڪستان جي سمورين سينسر ٿيل اخبارن ۾ اڃا به فتح جا جهنڊا بلند نظر آيا ۽ جڏهن ڪماندر ان چيف جنرل يحييٰ خان ان کان اڳئين ڏينهن قوم سان خطاب به ڪيو ته اهو نه جنگ جاري رکڻ ۽ آخري فتح تائين ورهڻ جو، اوڀر پاڪستان کي صوبائي خودمختياري ڏيڻ ۽ پاڪستان کي اسلامي آئين 20 ڊسمبر تي ڏيڻ جو به، اڄ جڏهن انهن ڏينهن جون اخبارون ۽ ريڊيو تي جنرل يحييٰ جي تقرير ٻڌي ته عجيب بي وسي ۽ ڊپريشن ۾ پئجي ويس، هو بهو ائين ئي 36 سال اڳ اهڙي ئي بدترين ڪيفيت محسوس ٿي هئي.

بي بي سي جو مارڪ ٽيلي هو، جنهن خبر ڏني ته جنرل نيازي ڪهڙي نموني ڍاڪا جي پلٽن گرائونڊ ۾ جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا پر چيف آف اسٽاف کي خبر پئي نه ئي ڪمانڊر ان چيف کي مورڳو اهي گڏيل پاڪستان جي صدارت ۽ آئين سازي تي بضد رهيا. توڙي جو جنگ هارائجي چڪي هئي، ٽيانوي هزار فوجي ڀارت جا قيدي بڻجي چڪا هئا ۽ پاڪستان جو اڪثريتي صوبو بنگال، بنگلاديش بڻجي چڪو هو. اهڙو ظلم، اهڙو دوکو اڳ ڪڏهن ٿيو هو؟ پوءِ به اڄ تائين اسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون ته اسان پاڪستان جي اصل بانين (مسلمان بنگالين) سان ڇا ڇا نه ڪيو. انهن تي ڪهڙيون ڪهڙيون تهمتون هيون جيڪي نه هنيون ويون. غدار هجڻ، هندو يا هندن جو ايجنٽ هجڻ ۽ بکين بنگالين تائين، ڪهڙو ڪهڙو زهر هيو جيڪو اوڀر پاڪستان جي ڀائرن لاءِ اوڳاڇيو ويو. اڄ به اسان پنهنجي ظلمن، ڦرلٽ، قتل ۽ غارت، نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڪيل ڏوهن تي شرمندا ٿي ضمير جو بار لاهڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ نه ئي وري پاڪستان جي ٻه ٽڪر ٿيڻ تي ڪو سبق سکڻ لاءِ راضي آهيون. بس رڳو ڀارت جو هٿ، مڪتي باهني، هندن جي سازش، مجيب جي هٺ ڌرمي ڀٽو جي چالاڪي ۽ نه ڄاڻ پري پري جون ڪهڙيون ڪهڙيون نه ڪهاڻيون آهن، جيڪي گهڙڻ کان ناهيون مڙيا. يقيني طور ڀارت ۽ اندرا گانڌي اسان جي پنهنجي ناڪامين، فاش غلطين ۽ پنهنجي ئي ماڻهن تي جبر ڪرڻ مان خوب فائدو حاصل ڪيو ۽ بقول اندرا گانڌي ٻه قومي نظريو ”بنگالي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو“ ڏٺو وڃي ته ٻه قومي نظريو ته پيدا ئي اوڀرپاڪستان ۾ ٿيو هو. بنگلاديش ڀارت ۾ ضم ٿيو نه ئي وري اسان کان پٺتي آهي. مورڳو اڄ اسان کان گهڻو اڳتي آهي.

ڪنهن ڇا ته ڪمال جي ڳالهه ڪئي ته جي ارڙهين ترميم 1951ع ۾ ٿي وڃي ها ته شايد اها نوبت ئي نه اچي ها. نه اوڀر پاڪستان الڳ ٿئي ها نه هر هر مارشل لا لڳي ها. بنگال جو به عجيب داستان آهي، پاڪستان جي خيال کان گهڻو اڳ بنگال ورهايو به ۽ متحد به ٿيو. ايتري تائين جو 1940ع واري ٺهراءَ ۾ اتر اولهه ۽ اوڀر ۾ مسلمان جي اڪثريتي علائقن جي خودمختيار رياست جي گنجائش رکي وئي هئي ۽ سهروردي کي قائداعظم اجازت ڏني هئي ته جي بنگال متحد رهي سگهي ٿو ته ڪوشش ڪري ڏسو. گانڌي ۽ سهروردي بنگال جي فسادن کي روڪڻ لاءِ گڏجي بک هڙتال ڪئي ۽ ٻلوائين مٿن حملا به ڪيا. پر هو ڄمي بيٺل رهيا. 14 آگسٽ 1947ع تي جڏهن بنگال جي متحده اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر نور الامين جي صدارت ۾ ٿيو ته مسلمان ميمبرن متحده بنگال ۽ هندو ميمبرن بنگال جي ورهاڱي جي حق ۾ راءِ ڏني. اهو محمد علي جناح ئي هو جيڪو آخري وقت تائين وائسراءِ مائونٽ بيٽن کان متحده بنگال ۽ متحده پنجاب جو مطالبو ڪندو رهيو. جڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ قائداعظم جيڪو مليو ان کي ”ڪرم خورده“ پاڪستان سان تشبيهه ڏني.

پاڪستان ٺهي ويو ته گادي جو هنڌ ڪراچي بڻي. 1935ع وارو ايڪٽ مليو، گورنر جنرل ۽ اردو جو بول بالا ٿيو. بنگالي ڀائر جمهوريت ووٽ جي حق، صوبائي خودمختياري، گڏيل حڪومت، بنگالي ٻولي ۽ سيڪيولرزم، سلامتي ۽ اقتصادي معاملن ۾ منصفاڻي شرڪت گهرندا رهيا. جڏهن جگتو فرنٽ مسلم ليگ کي شڪست ڏئي بي مثال ڪاميابي حاصل ڪئي ته ان جي حڪومت کي چلتو ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان جي سڻي هئي ۽ ملون اولهه پاڪستان ۾، سو اوڀر پاڪستان، اولهه پاڪستان جي ڪالوني بڻجي ويو. اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ ۽ اوڀر پاڪستان جي اڪثريت کي پيريٽي جي بنياد تي اڪثريت کان محروم ڪيو ويو ۽ پوءِ 1956ع واري آئين تحت ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪيون ويون. پوءِ غلام محمد کان اسڪندر مرزا کان ٿيندو اقتدار جي غلبي جنرل ايوب خان جي مارشل لا تي اچي ڇيهه ڪيو. ان باوجود 1964ع وارين صدارتي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان وارن مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي ڪامياب ڪرايو، تڏهن به ڌانڌليءَ ذريعي ايوب خان ڪامياب ٿيو. ايوب خان ترقيءَ جو جيڪو ماڊل ڏنو تنهن جو بنياد علائقائي ۽ طبقاتي ويڇي تي رکيو ويو. نتيجي ۾ اوڀر ۽ اولهه وارين ٻانهن ۾ ڏار پئجي ويا. جنهن جي خلاف ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ عظيم عوامي لهر پيدا ٿي وئي ۽ ايوبي آمريت جي شڪست اڃا ٿيڻي ئي هئي ته جنرل يحييٰ خان اچي ٺهڪو ڪيو. جنهن 1962ع واري ايوبي صدارتي آئين کي فارغ ڪري ڇڏيو. جڏهن 1970ع واريون چونڊون ٿيون ته انهن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ مجيب الرحمان جي قومپرست عوامي ليگ ٻن کان سواءِ سڀ سيٽون کٽي وئي ۽ اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي عواميت پسند پيپلز پارٽي سوڀاري ٿي. ڀٽو، مجيب الرحمان سان اسيمبلي اجلاس کان اڳ نئين آئيني ڍانچي تي ڪنهن اتفاق راءِ جو متلاشي هو ۽ مجيب الرحمان پنهنجي اڪثريت جي ٻل تي ڇهن نقطن تي بضد، انهن ٻنهي جي اختلافن کي(جيڪي حل پئي ٿي سگهيا ۽ ڪجهه آئيني اسڪيمون غور هيٺ به هيون) جنرل يحييٰ خان استعمال ڪيو ۽ اقتدار اڪثريتي جماعت کي منقتل ڪرڻ بدران فوج ڪشيءَ جو رستو اختيار ڪيو. اوڀر پاڪستان ۾ جعلي چونڊون ڪرايون ويون ۽ جعلي مينڊيٽ حاصل ڪيو ويو. بس پوءِ ٿيو ايئن جو سڄو اوڀر پاڪستان بغاوت لاءِ راضي ٿي ويو ۽ وري جڏهن طاقت سان عوامي مزاحمت کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته معاملو آزاديءَ ڏانهن هلي پيو ۽ ايئن بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو.جيڪي ڪجهه ٿيو جي نه ٿئي ها ته ڀارت ڪهڙيون ۽ ڇو سازشون ڪري ها ۽ اهي وري ڪامياب به ڇو ٿين ها؟

اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود جنرل يحييٰ خان ۽ سندس ٽولو اقتدار تي قابض رهڻ تي بضد هو پر ڀارت کان شڪست اولهه پاڪستان ۾ اهڙو رد عمل پيدا ڪيو جو مهم جو ٽولي کي اقتدار ڇڏڻو پيو ۽ اهو ڀٽو ئي هو جنهن آمراڻين قوتن کي ڌڪي 1973ع واري جمهوريت جو بنياد رکيو. 93 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا ۽ اوڀر پاڪستان جي الميي تي حمود الرحمان ڪميشن قائم ڪئي وئي جنهن جي رپورٽ اڄ سوڌو نه ته پوري شايع ڪئي وئي نه ئي وري ان جي تجويزن تي ڪنهن کي عمل ڪرڻ جي توفيق ٿي.

هيءَ رپورٽ اوڀر پاڪستان جي حوالي سان گهڻي تعصب واري هئڻ باوجود ان ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا آهن سي پڙهي ڪنڌ شرم کان جهڪيو ٿو وڃي، پر اسان پنهنجي درسي ڪتابن ۾ اڄ به پڙهايون اهو ئي ٿا جيڪي يحييٰ کي بدمست قرار ڏيڻ باوجود ان جو بيانيو آهي. جرمنيءَ ۾ فاشزم آيو، اڄ تائين اتي ٻارن کي فسطائيت ۽ نسل پرستيءَ خلاف تعليم ڏني ٿي وڃي. جاپان ۾ جاپاني فاشزم خلاف اڄ به ٻارن کي تعليم ڏني ٿي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو جرمني ۽ جاپان ٻيهر فسطائيت ڏانهن نه ويا پر اسان وٽ تاريخ مان ڪو سبق نه سکيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو نه نظريو ٺيڪ ٿيو نه سياست ۽ رياست، نه درس ۽ تدريس نه سلامتيءَ جي وڏي واڪ ارادن ۾ ڪا تبديلي ۽ نه ئي جمهوريت کي استحڪام مليو. اها ئي چال، اهي ئي نظريا، اهو ئي ڪوڙ، اهو ئي ظلم اها ئي سينسر شپ ۽ اها ئي مهم جوئي اسان جو مقدر بڻيل. ڪاش اسان پنهنجو بنا روڪ ٽوڪ جي تنقيدي جائزو وٺي سگهون ها. پنهنجي فاش غلطين ۽ فوجي مهم جوين مان ڪجهه سکي سگهون ها، پنهنجي اصلاح ڪري سگهون ها، پنهنجي لاءِ هڪ حقيقت پسنداڻي، جمهوري، قومي عوامي راهه ڳولي سگهون ها. ڇا اڃا اهي ئي پراڻا تجربا ڪرڻ جي گنجائش آهي؟ جنهن جي هڪ جهلڪ اسان کي بلوچستان ۾ نظر اچي رهي آهي، ڍاڪا سانحو ته ٿيو هاڻي ٻيو ڇا ڪرڻو آهي؟ خدارا! پاڪستان کي پاڪستان جي عوام تي ڇڏي ڏيو، ايندڙ چونڊون آزاد ماحول ۾ وقت تي ٿيڻ ڏيو. ۽ جمهوريت کي اڳتي وڌڻ ڏيو، ان ۾ ئي ڀلو آهي، جي نه ته هڪ ٻي خوني ڪهاڻي جي گنجائش ناهي!

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے