18 جمعرات , اکتوبر 2018

اعتماد آهي ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪندي: رضا رباني

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني ڪوئيٽا حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙن واقعن ۾ باقاعدا رٿابندي سان ماڻهن کي ماريو ويندو آهي، اڄوڪين حالتن ۾ اسان جو معاشرو ۽ سياست گهڻومتاثر ٿي رهيا آهن، هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته آمريت جي دورن ۾ پاڪستان کي نقصان پهتو، ملڪ ۾ استحڪام نه هوندو ته ادارا مضبوط نه ٿيندا، ملڪ ۾ جيڪڏهن قانون جا 5 معيار هوندا ته آئين جي حڪمراني ڪيئن ٿيندي؟. هن چيو ته معاشي ترقي جو دارومدار سياسي استحڪام سان مشروط آهي، مون کي اعتماد آهي ته پارليامينٽ مدو پورو ڪندي، ملڪ ۾ ترقي جي رفتار سست آهي پر اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے