18 اتوار , نومبر 2018

نيوز| ڪورنگي پوليس ڏوهارين گرفتار ڪرڻ بدران غريبن تي ظلم پئي ڪري: حليم عادل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪورنگي پوليس ڏوهارين گرفتار ڪرڻ بدران مظلوم ماڻهن خلاف ظلم ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عوامي ٿاڻي جي پوليس تشدد ۾ مارجي ويل مقتول جي گهر پهچي وارثن تعزيت بعد تفيصل معلوم ڪيا. مقتول جي وارثن پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳيان دانهنيدي چيو ته عوامي ٿاڻي جي پوليس بنا سبب سندن گهر تي چڙهائي ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته پوليس کان نوجوانن جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪرڻ تي اهلڪارن پيرسن کي رائفل جا بٽ هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ متاثرن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪراچي پوليس دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران غريب عوام سان ظلم ڪري رهي آهي، سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن جي اهڙي عمل خلاف آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | ڊگهڙي: پوليس جو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ

ڊگهڙي ۾ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے