19 پیر , نومبر 2018

ڀارت ۾ ڏند ڪڍرائڻ کانپوءِ مريض حياتي وڃائي ويٺو

ڪرناٽڪا (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڏند ڪڍرائڻ کانپوءِ وڌيڪ رت وهڻ سبب مريض حياتيءَ وڃائي ويٺو. ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي شهر هوبلي ۾ عبدالقادر نالي شخص ڏندن ۾ تڪليف سبب ڊينٽل ڪلينڪ ويو، جتي ڊاڪٽر سندس 3 ڏند ڪڍيا، جنهن کانپوءِ رت وهڻ شروع ٿيو ۽ اهو سلسلو بند ئي نه ٿيو، جنهن کانپوءِ مريض کي ڪرناٽڪا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (ڪامس) اسپتال نيو ويو، جتي هو ٻه ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو. ڪامس جي ڊائريڪٽر موجب مريض کي ڪوما جي حالت ۾ ئي اسپتال آندو ويو، جنهن کي فوري طور آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو پر اسان سندس حياتي نه بچائي سگهياسين، پوسٽ مارٽم کانپوءِ وڌيڪ خبر پوندي. هوڏانهن فوتي جي وارثن ڊينٽسٽ خلاف پوليس وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊينٽسٽ مريض جي موت ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جو الزام رد ڪندي چيو آهي ته مريض جي ڏندن مان رت وهندو رهيو پر مون کي ان ڳالهه کان بي خبر رکيو ويو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻڌايو ويو ته ان مسئلي سبب مريض کي ڪامس اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے