16 اتوار , دسمبر 2018

لبنان ۾ ”اوبر“ ڊرائيور جو برطانوي سفارتڪار عورت سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان ۾ اوبر ٽيڪسي سروس جي ڊرائيور 3 ڏينهن پهريان برطانوي سفارتڪار عورت سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ برطانوي سفارتڪار عورت سان زيادتي بعد قتل جي الزام ۾ آن لائن ٽيڪسي سروس ”اوبر“ جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار ربيڪا سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪيو به ڪري ورتو آهي. مقامي سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهدن جي روشني ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ربيڪا جي قتل جا طريقا سياسي نه پر ڏوهاري هئا. بيروت ۾ برطانوي سفارتخانيجي  گڏيل قومن واري ترقياتي شعبي سان لاڳاپيل سفارتڪار عورت  ”ربيڪا ڊيڪس“ جو لاش ڇنڇر جي ڏينهن بيروت جي علائقي جل الديب مان هٿ ڪيو ويو هو. ربيڪا ڊيڪس جي قتل جي تصديق آچر تي ڪئي هئي جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ جي روشني ۾ ٻڌايو هو ته سفارتڪار عورت کي قتل کان پهريان زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو. پوليس قتل جي الزام ۾ آن لائن ٽيڪسي سروس ”اوبر“ جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. لبنان جي مقامي ميڊيا گرفتار ٽيڪسي ڊرائيور جي سڃاڻپ 41 ورهين جي طارق نالي سان ڪئي آهي. اهو ائي ربيڪا کي جمعي جي شام بيروت جي علائقي مان وٺي ويو هو، طارق 2014ع کان 3015ع تائين منشيات ۽ ٻيون ڏوهاري ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ سبب جيل ۾ رهي چڪو آهي. ٻئي پاسي اوبر جي ترجمان چيو آهي ته واقعي تي اسان خوف حراس جا شڪار آهيون، اسان مقتولا ۽ سندس خاندان سان گڏ آهيون ۽ واقعي جا جاچ لاءِ پوليس سان سهڪار ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا سين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian troops martyr five Kashmiri youth in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي دهشتگردي، وڌيڪ 9 ڪشميري شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے