21 بدھ , نومبر 2018

ٽي بي جي سڃاڻپ ڏينهن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ ممڪن

ورجينا(ويب ڊيسڪ) اسان ڄاڻو ٿا ته ٽي بي جي ٽيسٽ هاڻي وڌيڪ ٽائيم وٺندي آهي  پرامريڪي ماهرين پيشاب جي ذريعي ٽي بي سڃاڻپ ڪرڻ واري ٽيسٽ مڪمل تيار ڪئي وئي آهي. جنهن سان جان هن وٺندڙ هن بيماري جي سڃاڻپ ڪرڻ فوري طور تي ممڪن آهي. ٽي بي هاڻي دنيا جي هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ جان وٺندڙ مرض ٿي ويو آهي ته هن جا وڌيڪ شڪار غريب ملڪن جا ماڻهو ٿي رهيا آهن. سال 2016 ۾ پوري دنيا ۾ ٽي بي جا هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض نوٽ ڪيا ويا جڏهن ته هر سال 17 لک هن موذي مرض سان جان جي بازي هارائي ٿا وڃن. 40 سيڪڙو ٽي بي جي انفيڪشن هن وقت سامهون ناهي ايندي جيستائين  ان جي ظاهري جي علامت مڪمل طور ناهي ٿيندي. ٽي بي جي ٽيسٽ ۾ ڪيترو ئي وقت لڳي ويندو آهي پر هاڻي ماهرن ٽي بي جي پيشاب  جي ذريعي  سڃاڻپ ڪرڻ واري اهڙو ٽيسٽ مڪمل طور تي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا صرف 12 ڪلاڪن ۾ نتيجا سامهون ڏئي سگهي ٿي. هي پيشاب ۾ موجود هو (شوگرز) معلوم ڪري سگهي ٿي. ۽ ٽي بي جي  بيڪٽريا سان ملي ۽ پيشاب ۾ ان جي انتهائي معمولي مقدار خارج ٿيندي رهندي آهي.هن ٽيسٽ لاءِ  ننڍي سالماتي پنجري(ماليڪولر ڪيجز) تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ خاص رنگ(ڊائي) استعمال ڪيو ويو آهي  ان سان ٽي بي جي خبر پوندي آهي.هي ٽيسٽ ايتري حساس آهي جو پيشاب ۾ موجود ٽي بي سان لاڳاپيل شڪريات کي معمولي مقدار ۾ مجوجودگي جو انڪشاف به ڪري رهي آهي اهڙي طرح هي پيشاب جي ذريعي ٽي بي جي بقايا ٽيسٽ 1000 سيڪڙو بهتر آهي. ايندڙمرحلي ۾ هن ٽيسٽ کي ٽي بي جي 48 مريضن تي آزمايو ويو ته هن حيرت انگيز نتيجو ڏنو. هاڻي ماهر هن ٽيسٽ کي آسان ۽ ڪمر شل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرم پاڻي سان وهنجڻ شگر ۽ اندورني ساڙي ۾ گهٽتائي لاءِ بهترين

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گرم پاڻي سان وهنجڻ جان ڏينهن اچي ويا آهن ۽ ماهرن نئي تحقيق کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے