17 بدھ , اکتوبر 2018

آمريڪا جي بيت المقدس بابت فيصلي جي مخالف ڪندڙ ملڪن کي ڌمڪي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي خاص نمائندي نڪي هيلي خبردار ڪيو آهي ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران والاريل بيت المقدس بابت آمريڪي فيصلي جي مخالفت ڪندڙن ملڪن جا نالا ورتا ويند ا۽ هڪ هڪ ووٽ جو حساب رکيو ويندو. آمريڪا طرفان والاريل بيت القمدس کي اسرائيلي راڄڌاني طور تسليم ڪرڻ واري اعلان جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سڀاڻي ووٽنگ ٿيندي تنهن هوندي ان کان اڳ آمريڪا جي خاص نمائندي مختلف سفيرن کي ڌمڪي وارا خط لکيا آهن. نڪي هيلي پنهنجن خطن ۾ لکيو آهي ته جنرل اسيمبلي ۾ ٺهراءَ جي حمايت ڪندڙ ملڪن جا نالا صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻڌائيندس ۽ بيت المقدس بابت ٺهراءَ تي هڪ هڪ ووٽ جو حساب رکيو ويندو.  نڪي هيلي ان حوالي سان ٽوئيٽ به ڪيو جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان آمريڪي عوام جي خواهشن موجب بيت القمدس ۾ سفارتخانو منتقل ڪرڻ جو فيصلو آهي. هن لکيو آهي ته جن ملڪن جي اسان مدد ڪري چڪا آهيون انهن مان آمريڪا کي نشانو بڻائڻ جي اميد نٿا رکي سگهون، خميس تي اسان چونڊن بابت تنقيدي ووٽ وڌا ويندا ۽ آمريڪا اهڙن ملڪن جا نالا کڻندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار نواز شريف کي هي ڏينهن ڏيکاريا، هاڻ اسد عمر عمران خان کي مارائيندو: نبيل گبول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت اڳ آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے