10 پیر , دسمبر 2018

بيت المقدس بابت تڪراري فيصلي تي گڏيل قومن جو هنگامي اجلاس طلب

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) والاريل بيت المقدس بابت آمريڪا جي تڪراري تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي بيت القمدس بابت فيصلي کان پوءِ سڄي دنيا ۾ احتجاج هن وقت تائين جاري آهن، مسلم ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا والاريل بيت القمدس بابت تڪراري فيصلو واپس وٺي. ان مطالبي بابت گڏيل قومن جو خاص اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ او آءِ سي جو سفارت گروپ ٺهراءُ پيش ڪندو. ٺهراءَ ۾ آمريڪا کان بيت القمدس جو تخت گاهه تسليم ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جھو مطالبو ڪيو ويندو. گڏيل گڏيل ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي او آءِ سي سفارتي گروپ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان فلسطين جي آزادي ۽ بيت القمدس جي حفاظت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، آمريڪا طرفان سلامتي ڪونسل ۾ ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي مايوس ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانيا امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا دنيا جي امير ترين ماڻهن لاءِ گولڊن ويزا سروس ختم ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے